Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:34 - Sindhi Bible

34 پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لھي آيو ۽ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏھن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇالاءِ⁠جو ھو نڌڻڪين رڍن وانگر ھئا. تنھنڪري ھو کين گھڻيون ئي ڳالھيون سيکارڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:34
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ مون ساري اسرائيل کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کانسواءِ رڍون ٿينديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ هنن مان هرڪو صحيح سلامت پنهنجي گهر هليو وڃي.


۽ هن چيو تہ مون اسرائيل کي جبلن تي ائين پکڙيل ڏٺو جيئن نڌڻڪيون رڍون هونديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ ڀلي تہ هو سڀ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن.


۽ هيئن ٿيندو جو ڀڄايل هرڻ وانگي، ۽ انهن رڍن وانگي جن کي ڪوبہ گڏ نٿو ڪري، هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي قوم ڏي ورائيندا، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄائيندا.


منهنجي قوم رلي ويل رڍن وانگي ٿي پئي آهي: انهن جي ڌنارن انهن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، هنن انهن کي جبلن تي هڪالي ڇڏيو آهي: اهي جبل کان ٽڪريءَ ڏي ويا آهن، ۽ پنهنجي آرام جي جاءِ وساري ڇڏي اٿن.


۽ هو ٽڙي پکڙي ويون، ڇالاءِ جو ڌنار ڪونہ هو: ۽ هو جهنگ جي سڀني جانورن جو قوت ٿيون ۽ ٽڙي پکڙي ويون.


ڇالاءِ تہ افرائيم ڪوڙ ڳالهايو آهي، ۽ فالن وجهندڙن ڪوڙ ڏٺو، ۽ هنن ڪوڙا خواب ٻڌايا آهن، ۽ هنن جي دلداري اجائي آهي: انهيءَ ڪري هو رڍن وانگر رُلي ويا آهن ۽ ڏک سَٺا اٿن، ڇالاءِ جو هنن جو ڪو ريڍار ڪونهي.


جو اندر ٻاهر وڃڻ وقت هنن جي اڳيان هلي، ۽ هنن کي ٻاهر وٺي وڃڻ، ۽ اندر آڻڻ ۾ هنن جو سونهون ٿئي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي جماعت نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي.


۽ هن نڪري اچي وڏو ميڙاڪو ڏٺو، ۽ مٿن رحم آيس، ۽ منجهن جيڪي بيمار هئا، تن کي شفا ڏنائين.


پوءِ يسوع پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ مون کي خلق تي رحم ٿو اچي، ڇالاءِ جو هو مون سان ٽي ڏينهن ساندهہ رهيا آهن، ۽ کاڌي لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن: ۽ منهنجي مرضي نہ آهي تہ کين بکيو روانو ڪريان تہ متان رستي ۾ ماندا ٿي پون.


پر جڏهن هن ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن مٿن رحم آيس، ڇالاءِ جو هو نڌڻڪين رڍن وانگر رليل ۽ پريشان هئا.


پر ماڻهن هنن کي ويندو ڏٺو ۽ گهڻن سڃاڻي ورتن، ۽ اُهي سڀني شهرن مان نڪري گڏجي پيرين پنڌ اوڏانهن ڀڳا، ۽ هنن کان بہ اڳي وڃي اُتي سهڙيا.


۽ جڏهن هاڻ ڏينهن گهڻو گذري ويو هو، تڏهن سندس شاگرد وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ هي هنڌ ويران آهي، ۽ ڏينهن بہ گهڻو گذري ويو آهي؛


انهن ڏينهن ۾ جڏهن وري خلق اچي گڏ ٿي، ۽ وٽن کاڌي لاءِ ڪي بہ ڪين هو، تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو،


تہ مون کي هنن ماڻهن تي رحم ٿو اچي، جو هو ٽي ڏينهن ساندهہ مون سان گڏ رهيا آهن، ۽ کائڻ لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن:


پر جڏهن ميڙاڪن کي انهيءَ ڳالهہ جي سُڌ پيئي، تڏهن اُهي بہ سندس پٺيان اُٿي هليا: ۽ هو ساڻن خوشيءَ سان گڏيو، ۽ کين خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو، ۽ جيڪي چڱي ڀلي ٿيڻ جا محتاج هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪيائين.


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ