Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:31 - Sindhi Bible

31 ۽ هن چين تہ اوهين پاڻ خلاصا ڪنهن ويران هنڌ تي هلو، ۽ ٿورو آرام ڪريو، ڇالاءِ جو ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ لڳي پيئي هئي، ۽ هنن کي ماني کائڻ جيتري بہ فرصت ڪانہ ٿي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 ان وقت ايترا تہ ماڻهو اچن پيا جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”هلو تہ هتان ڪنهن نويڪلي جاءِ تي هلون، جتي هلي اوهين ٿورو وقت آرام ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 ان وقت ايترا تہ ماڻهو اچن پيا جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”هلو تہ هتان ڪنهن نويڪلي جاءِ تي هلون، جتي هلي اوهين ٿورو وقت آرام ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 ان وقت ايترا تہ ماڻھو اچن وڃن پيا جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”ھلو تہ ھتان ڪنھن نويڪليءَ جاءِ تي ھلون، جتي ھلي اوھين ٿورو وقت آرام ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:31
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع اُها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اُتان نڪري ٻيڙيءَ ۾ اڪيلو هڪڙي ويران هنڌ ويو: ۽ جڏهن ماڻهن کي انهي جي خبر پيئي، تڏهن اُهي شهرن مان پيرين پنڌ سندس پٺيان آيا.


پر هن اها ڳالهہ ايتري وڃي هلائي ۽ ظاهر ڪئي، جو يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کليو کُلايو گهڙي نٿي سگهيو، پر ٻاهر ويران هنڌن ۾ وڃي رهيو، جتي سڀني پاسن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


۽ وري اُتي ايڏي خلق اچي مڙي جو هنن کي ماني کائڻ جي بہ فرصت نہ ٿي ملي.


۽ يسوع پنهنجن شاگردن سان گڏجي سمنڊ جي پاسي نڪري ويو، ۽ گليل مان ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو: ۽ يهوديہ،


هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع گليل جي سمنڊ، يعني تبرياس جي ڍنڍ جي پرئين ڀر هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ