Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:20 - Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو هيروديس کي خبر هئي تہ يوحنا پاڪ ۽ راستباز ماڻهو آهي، تنهنڪري کانئس ڊڄندو هو، ۽ کيس صحيح سلامت رکندو هو؛ ۽ جڏهن هن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو، تڏهن ڏاڍو مُنجهي پوندو هو، پر ٻُڌندو خوشيءَ سان هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 ڇاڪاڻ تہ هيروديس يوحنا کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يوحنا هڪ سچار ۽ پوِتر ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يوحنا جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ڇاڪاڻ تہ هيروديس يحيٰ کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يحيٰ هڪ سچار ۽ پاڪ ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يحيٰ جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 ڇاڪاڻ⁠تہ ھيروديس يحيٰ کان ڊڄندو ھو جو ھن ڄاتو پئي تہ يحيٰ ھڪ سچار ۽ پاڪ ماڻھو آھي. سو ھيروديس کيس بچائيندو رھيو. ھيروديس يحيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان ٻڌندو ھو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت ھي ڳالھيون کيس پريشان ڪنديون ھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:20
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


هاڻي اليشع اُنهيءَ بيماريءَ ۾ گرفتار هو، جنهنڪري هو مئو: ۽ اسرائيل جو بادشاهہ يوآس وٽس آيو ۽ پاسي کان بيهي روئي چيائين تہ اي منهنجا ابا، منهنجا ابا، اسرائيل جا رٿ ۽ انهن جا گهوڙي سوار!


۽ اسرائيل جي بادشاهہ اُنهن کي ڏسي اليشع کي چيو تہ اي منهنجا ابا، هنن کي ماري وٺان؟ هنن کي ماري وٺان؟


۽ يهويدع ڪاهن جي سڀني ڏينهن ۾ يوآس اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا،


۽ زڪرياہ، جنهن کي خدا جي رويا جي سمجهہ هوندي هئي، تنهن جي ڏينهن ۾ هن پاڻ کي خدا جي طلب ۾ مشغول رکيو: ۽ جيستائين هو خداوند جي طلب ۾ رهيو، تيستائين هو اقبال وارو رهيو.


۽ خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي، ۽ فرعون جا نوڪر ۽ سندس ماڻهو، موسيٰ کي وڏو بزرگ سمجهڻ لڳا.


ڏس تون هنن جي لاءِ هڪڙو اهڙو وڻندڙ راڳ آهين جو ڪو چڱي آواز وارو ماڻهو ڳائي، ۽ ڪو چڱو ساز وڄائي؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن.


اهو خواب مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي: ۽ تون اي بيلطشضر انهي جو تعبير بيان ڪر، ڇالاءِ جو منهنجي بادشاهت جا سڀ ڏاها ماڻهو تعبير ٻڌائي نٿا سگهن، پر تون ٻڌائي سگهين ٿو، ڇالاءِ جو پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي.


تنهنڪري، اي بادشاهہ، تون منهنجي نصيحت قبول ڪر، ۽ پنهنجن گناهن کي سچائي سان، ۽ پنهنجن خطائن کي غريبن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪر، شايد انهي ڪري تنهنجو سک ۽ آرام گهڻي تائين هلي.


تڏهن داني ايل ورندي ڏيئي چيو تہ اهي پنهنجا انعام ڪنهن ٻئي کي ڏي، پر اها لکت آءٌ بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان، ۽ اُنهي جو مطلب بہ ٿو سمجهايان.


سو هيروديس جي مرضي هئي تہ مارائي وجهانس، پر ماڻهن جو ڊپ ٿيس، ڇالاءِ جو هو انهي کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا.


پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ اسين خلق کان ٿا ڊڄون؛ ڇالاءِ جو سڀ يوحنا کي نبي ڪري ٿا سمجهن.


۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهن اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ هو وجهہ ڳولڻ لڳا تہ ڪيئن هن کي ماري کپايون: ڇالاءِ تہ هو کانئس پئي ڊنا، جو ساري خلق سندس تعليم تي حيران هئي.


۽ انهيءَ طرح جيڪي ٽڪرائتيءَ زمين تي پوکيل آهن، سي اُهي آهن جي جڏهن ڪلام ٻڌن، تڏهن يڪدم اُهي خوشيءَ سان قبول ٿا ڪن؛


هو ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئو هو: ۽ اوهان گهڙي ساعت هن جي سوجهري ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.


۽ هو سڀ عجب ۾ پئجي، هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا، تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟


هاڻي جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن هي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن انهن بابت اچي ڏاڍي فڪر ۾ پيا، تہ هن جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ