Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:14 - Sindhi Bible

14 ۽ هيروديس بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، ڇالاءِ جو هن جو نالو مشهور ٿي ويو هو، ۽ چوڻ لڳو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو مئلن مان جي اُٿيو آهي، تنهنڪري هن جي هٿان اِهي معجزا ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 جيئن تہ يسوع جي مان ۽ مرتبي جي هاڪ هر هنڌ پکڙجي ويئي هئي، سو گليل صوبي جي راجا هيروديس انتپاس بہ هي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي. يسوع بابت ڪي ماڻهو چون پيا تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو وري جيوت ٿيو آهي، تنهنڪري هو اهڙا چمتڪار ڪري رهيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جيئن تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي هاڪ هر هنڌ پکڙجي ويئي هئي، سو گليل صوبي جي بادشاهہ هيروديس انتپاس بہ هي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي. عيسيٰ بابت ڪي ماڻهو چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آهي، تنهنڪري هو اهڙا معجزا ڪري رهيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 گليل جي بادشاھہ ھيروديس بہ ھي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ جي عزت ۽ وقار جي ھاڪ ھرھنڌ پکڙجي ويئي ھئي. ڪي چون پيا تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو وري جيئرو ٿيو آھي. تنھنڪري ھو اھڙا معجزا ڪري رھيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن يروشلم ۾ ڪَلون ٺهرايون، جي هنرمند ماڻهن رٿيون هيون، انهيءَ لاءِ تہ اهي ٺلهن تي ۽ ڪوٽن جي ڪنگرن تي تير، ۽ وڏا پهڻ اُڇلائڻ لاءِ ڪم ۾ اچن. ۽ هن جو نالو پري پري پکڙي ويو؛ ڇالاءِ جو جيستائين هو مضبوط هو، تيستائين هن کي عجيب طرح سان مدد ملي.


۽ عموني عزياہ کي نذرانا ڏيندا هئا: ۽ هن جو نالو مصر جي گهڙڻ جي جاءِ تائين پکڙي ويو؛ ڇالاءِ جو هن نهايت گهڻو زور ورتو.


پر هو ٻاهر هليا ويا، ۽ وڃي ساري ملڪ ۾ هن جو نالو هلايائون.


۽ يڪدم گليل جي ساري پرڳڻي ۾ چوڌاري جتي ڪٿي سندس هاڪ پئجي ويئي.


پر هن اها ڳالهہ ايتري وڃي هلائي ۽ ظاهر ڪئي، جو يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کليو کُلايو گهڙي نٿي سگهيو، پر ٻاهر ويران هنڌن ۾ وڃي رهيو، جتي سڀني پاسن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


هنن ورندي ڏيئي چيس تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو، ۽ ڪي چون ٿا تہ ايلياہ، پر ٻيا چون ٿا تہ نبين مان هڪڙو.


اوڏيءَ مهل ڪي فريسي اچي کيس چوڻ لڳا، تہ هتان نڪري هليو وڃ؛ ڇالاءِ جو هيروديس جي ڏاڍي مرضي آهي تہ توکي ماري ڇڏي.


هاڻي تبريس قيصر جي حڪومت جي پندرهين ورهيہ ۾، جن ڏينهن ۾ پنطيس پيلاطس يهوديہ جو حاڪم، ۽ هيروديس گليل جو حاڪم، ۽ ڀاڻس فلپس اِتوريہ ۽ ترخونيتس ملڪ جو حاڪم، ۽ لسانياس ابلينيءَ جو حاڪم هو،


۽ سندس بابت اها ڳالهہ سڄي يهوديہ ۽ آس پاس واري سموري ملڪ ۾ چوڌاري هلي ويئي.


هنن جواب ڏيئي چيو تہ، ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ۽ ڪي تہ ايلياہ آهي، ۽ ڪي چون ٿا تہ آڳاٽن نبين مان ڪو هڪڙو وري جي اُٿيو آهي.


ڇالاءِ جو اوهان جي ڪري نہ رڳو مڪدونيہ ۽ اخيہ ۾ خداوند جو ڪلام ڦهلجي ويو آهي، پر اوهان جو ايمان، جو خدا تي آهي، سو هر هنڌ مشهور ٿي ويو آهي؛ ايتري قدر جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجهہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ