Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:11 - Sindhi Bible

11 ۽ جنهن هنڌ جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، ۽ اوهان جي نہ ٻُڌن، تن وٽان رواني ٿيڻ مهل اوهين پنهنجن پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو، تہ ڀلي مٿن شاهدي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 جيڪڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ وڃو جتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جيڪڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ وڃو جتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 جيڪڏھن ڪنھن اھڙي ھنڌ وڃو جتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاھدي ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون پنهنجي جهول بہ ڇنڊي چيو، تہ شل خداوند هن طرح سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر کان، ۽ پنهنجي ڪمائيءَ کان ڇنڊي اُڇلائي ڇڏي، جو هن انجام موجب هلت نہ ڪري؛ شل اهو هن طرح ڇنڊجي خالي ٿي وڃي. ۽ سڄيءَ جماعت چيو تہ آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون. پوءِ ماڻهن انهيءَ انجام موجب هلت ڪئي.


۽ آئون اوهان کي ٿو چوان تہ جيڪو بہ اجايو لفظ ماڻهو واتان ڪڍندا، اُنهي جو عدالت جي ڏينهن حساب ڏيندا.


۽ چيائين تہ جتي ڪنهن گهر ۾ وڃو، تہ جيسين وري اُتان نڪرو تيسين اُتي ئي ٽڪيا پيا هجو.


۽ جيڪي بہ ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ اُنهي شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجي پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ مٿن شاهدي ٿئي.


۽ جڏهن اُهي سندس سامهون ٿيڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي کين چيو، تہ اوهان جو خون اوهان ئي جي سر تي هجي؛ آئون ڇُٽل آهيان. اڄ کانپوءِ آئون غير قومن ڏانهن ويندس.


انهي ڏينهن لاءِ، جڏهن خدا منهنجي خوشخبريءَ موجب يسوع مسيح جي وسيلي ماڻهن جي پوشيدہ ڳالهين جو انصاف ڪندو.


پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛


۽ سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين، تان تہ اڳتي بي دينن جي لاءِ عبرت جو مثال ٿين؛


(تڏهن ثابت آهي تہ) خداوند ڄاڻي ٿو تہ ديندار کي آزمائش کان ڪيئن ڇڏائجي، ۽ بي دينن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي.


۽ آسمان ۽ زمين جي موجود آهن، سي انهي ساڳئي ڪلام جي وسيلي هن لاءِ رکيا ويا آهن، تہ ساڙيا وڃن، ۽ اُهي عدالت جي ڏينهن ۽ بي دين ماڻهن جي برباديءَ تائين موجود رهندا.


پيار اسان ۾ هن طرح ڪامل ڪيو ويو آهي تہ عدالت جي ڏينهن اسان کي تسلي هجي، ڇالاءِ جو جيئن هو آهي تيئن اسين بہ هن دنيا ۾ آهيون.


جهڙيءَ طرح ڪ سدوم ۽ عموراہ ۽ اُنهن جي آس پاس وارا شهر، جي انهن وانگر زناڪاريءَ ۽ لونڊي بازيءَ جي پٺيان پيا، سي هميشہ جي باهہ جي سزا پيا سهن، تہ ٻين جي عبرت لاءِ هڪڙو مثال ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ