Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:43 - Sindhi Bible

43 پوءِ هن انهن کي سخت تاڪيد ڪئي تہ هن ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي: ۽ چيائين تہ ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 پوءِ يسوع انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڪنيا کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 پوءِ عيسيٰ انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 پوءِ عيسيٰ انھن کي سخت تاڪيد ڪيو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“ کين چيائين تہ ”ڇوڪريءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:43
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن اُهي جبل تان هيٺ لٿا، تڏهن يسوع حڪم ڏيئي چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ سو ڪنهن کي متان ٻڌايو.


۽ يسوع چيس، تہ ڏس، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي؛ پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار، ۽ اُهو نذرانو جنهن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، سو وڃي ڏي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.


تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ يسوع تاڪيد ڪري چين، تہ ڏسو، متان ڪنهن کي خبر پوي.


۽ هن سخت تاڪيد ڪري يڪدم روانو ڪيس،


۽ هن بلڪل سخت تاڪيد ڪين تہ مون کي پڌرو نہ ڪريو.


۽ يڪدم ڇوڪري اُٿي کڙي ٿي ۽ هلڻ لڳي؛ ڇالاءِ جو هوءَ ٻارهن ورهين جي هئي، ۽ هنن کي حد کان وڌيڪ حيراني لڳي ويئي.


پوءِ هن کين تاڪيد ڪئي تہ ڪنهن سان بہ ڳالهہ متان ڪريو: پر جيترو هن وڌيڪ جهلين، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ پڌري ڪئي.


۽ جڏهن اُهي جبل تان ٿي لٿا، تڏهن هن تاڪيد ڪري چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو ڪنهن کي نہ ٻڌائجو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سان گڏ کائڻ ويٺو، تڏهن ماني کڻي اُن تي برڪت گهُريائين، ۽ پوءِ اُها ڀڃي هنن کي ڏنائين.


تڏهن تاڪيد ڪري چيائينس تہ ڪنهن سان بہ چپ نہ چورج، پر وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار، ۽ موسيٰ جي حڪم موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ نذرانو ڏي، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.


۽ هن جي ماءُ پيءُ کي حيراني وٺي ويئي: پر هن تاڪيد ڪري چين تہ هي جيڪي ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو.


مون کي ماڻهن کان وڏائي ڪانہ گهرجي.


نہ سڄيءَ اُمت کي، پر انهن شاهدن کي، جن کي خدا اڳيئي چونڊيو هو؛ يعني اسان کي، جي جڏهن هو وري جي اُٿيو، تڏهن ساڻس گڏ کائيندا پيئندا هئاسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ