Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:42 - Sindhi Bible

42 ۽ يڪدم ڇوڪري اُٿي کڙي ٿي ۽ هلڻ لڳي؛ ڇالاءِ جو هوءَ ٻارهن ورهين جي هئي، ۽ هنن کي حد کان وڌيڪ حيراني لڳي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 تنهن تي ڪنيا هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳي. هن جي عمر ٻارهن سال هئي. اهو ڏسي سڀيئي ڏاڍو حيران ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

42 تنهن تي ڇوڪري هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳي. هن جي عمر ٻارهن سال هئي. اهو ڏسي سڀيئي ڏاڍو حيران ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 تنھن تي ڇوڪري ھڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ جيئن تہ ھوءَ ٻارھن ورھين جي ھئي سو گھمڻ ڦرڻ لڳي. ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:42
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي اُهي سڀيئي حيران ٿي ويا، ايتري قدر جو پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ هيءَ نئين تعليم آهي! هو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ٿو هلائي، ۽ اُهي کيس مڃين ٿا.


۽ هو ڏاڍا ڊنا، ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ هي تڏهن ڪير آهي، جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟


۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان وٺي چوڻ لڳو، تہ ”تليتا قُومي؛“ جنهن جو ترجمو آهي، اي نينگر، آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ.


پوءِ هن انهن کي سخت تاڪيد ڪئي تہ هن ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي: ۽ چيائين تہ ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيوس.


پوءِ هو وٽن ٻيڙيءَ تي ويو، ۽ واءُ بس ٿي ويو: ۽ هو اندر ۾ ڏاڍا حيران ٿي ويا؛


۽ هنن کي بيحد عجب لڳو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن سڀ جيڪي ڪيو آهي سو چڱو آهي: بلڪ هو ٻوڙن کي ٻڌڻ جي، ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ