Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:40 - Sindhi Bible

40 تنهن تي هو مٿس کِلڻ لڳا. پر هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ رڳو ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجن ساٿين کي پاڻ سان ڪري، اندر گهڙي انهي هنڌ ويو، جتي اُها ڇوڪري پيئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 تنهن تي اهي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنهنڪري هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رڳو پنهنجي ٽن چيلن ۽ ڪنيا جي ماتا پتا کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اها ڪنيا پيئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 تنهن تي اهي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنهنڪري هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رڳو پنهنجي ٽن شاگردن ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اها ڇوڪري پيئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 تنھن تي اھي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنھنڪري ھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. رڳو پنھنجن ساٿين ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اھا ڇوڪري پيئي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:40
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


تنهنڪري هو اندر وڃي اُنهن ٻنهي تي در بند ڪري خداوند کان دعا گهرڻ لڳو.


پر جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، ۽ جشم عربي، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کلون ۽ ٺٺوليون ڪيائون، ۽ اسان کي ڌڪارڻ لڳا، ۽ چيائون تہ هي ڪهڙو ڪم آهي جو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين بادشاهہ کان باغي ٿيندا ڇا؟


آءٌ انهيءَ ماڻهو جهڙو آهيان جنهن تي سندس پاڙيسري کل ٺٺولي ٿو ڪري، اهڙو ماڻهو جنهن خدا کي سڏيو پر هن ورندي نہ ڏنيس: انصاف واري ۽ ڪامل انسان تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي.


جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي کلن ٿا: ۽ وات ڦاڙي ۽ ڪنڌ ڌوڻي چون ٿا،


جيڪا شيءِ وات ۾ ٿي گهڙي سا ماڻهوءَ کي پليت نٿي ڪري؛ پر جيڪا وات مان نڪري ٿي، اُها ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿي ڪري.


جيڪي پاڪ آهي سو ڪتن کي نہ ڏيو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن جي اڳيان اُڇلائي وجهو، تہ متان هو اُنهن کي پنهنجن پيرن هيٺ لتاڙين ۽ ڦري اچي اوهان کي ڏارين.


پوءِ جڏهن اندر آيو تڏهن چيائين تہ اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو، ۽ ڇو پيا روئو؟ ڇوڪري مئي ڪانهي، پر سُتي پيئي آهي.


۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان وٺي چوڻ لڳو، تہ ”تليتا قُومي؛“ جنهن جو ترجمو آهي، اي نينگر، آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ.


۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا.


هاڻي جڏهن هنن مُئلن جي جيئري ٿيڻ جو ٻُڌو، تڏهن ڪي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، پر ٻين چيو تہ اسان کي اها ڳالهہ وري بہ ٻُڌائج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ