Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:36 - Sindhi Bible

36 هاڻي اُستاد کي وڌيڪ تڪليف ڇو ٿو ڏين؟ پر يسوع انهي چوڻ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏئي عبادتخاني جي سردار کي چيو تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

36 يسوع انهيءَ ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يائرس کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو وشواس رک.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

36 عيسيٰ انهيءَ ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يائرس کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساهہ رک.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

36 عيسيٰ انھيءَ ڳالھہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يھودين جي عبادت⁠خاني جي انھيءَ اڳواڻ کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:36
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.


۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي.


اڃا هن اُنهن سان هي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ ڏسو، هڪڙي سردار اچي کيس سجدو ڪري چيو، تہ منهنجي ڌيءَ اِجهو هينئر مئي آهي، پر تون اچي هن تي پنهنجو هٿ رک تہ هوءَ بچي پوي.


۽ عبادتخاني جي سردارن مان هڪڙو يائرس نالي آيو؛ ۽ کيس ڏسي پيرين پيس،


تنهن تي هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ ۽ انهي آزار کان ڇُٽيئن.


يسوع هن کي چيو تہ ”جي تون ڪجهہ ڪري سگهين“! جيڪو ايمان ٿو آڻي، تنهن لاءِ سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.


پر يسوع هي ٻڌي کيس وراڻي ڏيئي چيو، تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک، تہ هوءَ بچي پوندي.


يسوع چيس، تہ مون ڪين چيو تہ جي ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلال ڏسندينءَ؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ