Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:34 - Sindhi Bible

34 تنهن تي هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ ۽ انهي آزار کان ڇُٽيئن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، سو خوش ٿيءُ جو ھاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:34
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن انهيءَ کي چيو تہ صحيح سلامت هليو وڃ. تڏهن هو وٽانئس ٿورو پري هليو ويو.


پنهنجي رستي تي پيو هل ۽ پنهنجي ماني خوشيءَ سان پيو کاءُ، ۽ سرهي دل سان پنهنجو شراب پيو پيءُ؛ ڇالاءِ جو خدا اڳئي تنهنجا ڪم قبول ڪيا آهن.


پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي، ۽ ڏسي، تہ گهر جي لنبجڻ کان پوءِ انهي ۾ مرض ڪونہ پکڙيو آهي، تہ پوءِ ڪاهن انهي گهر کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو مرض نڪري ويو آهي.


۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.


پر يسوع پٺتي ڦري هن کي ڏسي چوڻ لڳو، تہ ڌيءَ دلجاءِ ڪر؛ تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. ۽ اُها زال اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱي ڀلي ٿي پيئي.


تنهن تي يسوع چيس تہ وڃ، تنهنجي ايمان توکي سڄو ڪيو آهي، ۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ رستي ۾ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.


ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا.


۽ يڪدم رت وهڻ بند ٿي ويس، ۽ پاڻ ۾ سمجهيائين تہ هاڻ آئون انهي آزار کان ڇُٽي آهيان.


پر زال کي خبر هئي تہ ساڻس ڇا ٿيو آهي، سا ڊڄندي ۽ ڏڪندي اچي پيرين پيس، ۽ سموري ڳالهہ ڪري ٻڌايائينس.


۽ هن کي چيائين تہ اُٿي هليو وڃ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي.


يسوع چيس تہ ديد وٺ: تنهنجي ايمان توکي سڄو ڪيو.


پر هن انهيءَ زال کي چيو، تہ تنهنجي ايمان توکي بچايو آهي، سلامت هلي وڃ.


۽ هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ.


تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛


۽ ڪجهہ وقت اُتي گذاري، پوءِ اتي جي ڀائرن کان خير سلامتيءَ سان موڪلائي، اُنهن ڀائرن ڏانهن روانا ٿيا جن موڪليو هون.


۽ داروغي اها ڳالهہ پولس کي ٻُڌائي، ۽ چيائينس تہ عملدارن حڪم ڏنو آهي تہ اوهان کي ڇڏي ڏجي: سو هاڻي نڪري اچو ۽ خير سلامتيءَ سان هليا وڃو.


۽ اوهان مان ڪو انهن کي چوي تہ سلامتيءَ سان وڃو، گرم رهو ۽ ڍاول ٿيو؛ پر جيڪي شيون بدن جي لاءِ ضروري آهن سي کين نہ ڏئي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟


تڏهن عيليءَ ورندي ڏيئي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ: ۽ اسرائيل جي خدا کان جيڪا مراد گهري اٿيئي سا شل اُهو پورو ڪري.


۽ يونتن دائود کي چيو تہ خير سان روانو ٿي، ڇالاءِ جو اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾، هميشہ لاءِ رهندو. پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو: ۽ يونتن شهر ڏي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ