Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:29 - Sindhi Bible

29 ۽ يڪدم رت وهڻ بند ٿي ويس، ۽ پاڻ ۾ سمجهيائين تہ هاڻ آئون انهي آزار کان ڇُٽي آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 يسوع جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ سان ئي سندس رت وهڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي چڱو ڀلو سمجھڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 عيسيٰ جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ سان ئي سندس رت وهڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 پوءِ جلد ئي سندس رت وھڻ بند ٿي ويو ۽ ھوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:29
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن زمين تي ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جهولو لڳي يا رتي، يا مڪڙ يا سوٻٽ لڳن؛ جيڪڏهن هنن جا دشمن سندن شهرن جي زمين ۾ کين گهيرو ڪن؛ ڪهڙي بہ آفت هجي، ڪهڙي بہ بيماري هجي؛


هو تنهنجا سڀيئي گناهہ بخشي ٿو؛ ۽ تنهنجا مڙيئي مرض مٽائي ٿو؛


هو پنهنجو ڪلام موڪلي انهن کي شفا ٿو بخشي، ۽ کين سندن برباديءَ کان ڇڏائي ٿو.


هو دل شڪستن کي شفا ٿو ڏئي، ۽ سندن زخمن کي پٽيون ٿو ٻڌي.


اي خداوند منهنجا خدا، مون توکي پڪاريو، ۽ تو مون کي شفا ڏني آهي.


۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون دل ڏيئي خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندين، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي هلندين، تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ توتي ڪين موڪليندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي شفا ٿو ڏيان.


پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي، ۽ ڏسي، تہ گهر جي لنبجڻ کان پوءِ انهي ۾ مرض ڪونہ پکڙيو آهي، تہ پوءِ ڪاهن انهي گهر کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو مرض نڪري ويو آهي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال جي ماهواريءَ وقت انهيءَ سان سمهي، ۽ سندس ننگ کولي؛ تہ هن انهيءَ جو چشمو اُگهاڙو ڪيو آهي، ۽ زال پنهنجي رت جو چشمو ظاهر ڪيو آهي: تہ اهي ٻئي پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا.


۽ ڏسو، هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو سا سندس پٺيان آئي، ۽ سندس پوشاڪ جي دامن کي اچي هٿ لاتائين:


ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا.


ڇالاءِ جو هن چيو ٿي تہ جي آئون رڳو سندس ڪپڙن کي کڻي هٿ لائينديس، تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.


تنهن تي هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ ۽ انهي آزار کان ڇُٽيئن.


اوڏيءَ ئي مهل هن گهڻن کي مرضن، ۽ آفتن، ۽ ڀوتن کان ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، ۽ گهڻن ئي انڌن کي سڄو ڪيو هئائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ