Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:27 - Sindhi Bible

27 سا يسوع بابت ڳالهيون ٻڌي گوڙ ۾ پٺيانئس آئي، ۽ اچي سندس ڪپڙي کي هٿ لاتائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 انهيءَ ناريءَ يسوع بابت ڳالهيون ٻڌيون هيون، سو ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ يسوع جي ڪپڙن کي هٿ لاتائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 انهيءَ عورت عيسيٰ بابت ڳالهيون ٻڌيون هيون، سو ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ عيسيٰ جي ڪپڙن کي هٿ لاتائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 جڏھن انھيءَ عورت عيسيٰ بابت ڳالھيون ٻڌيون تہ ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ عيسيٰ جي ڪپڙن کي ھٿ لاتائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:27
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ هڪڙي ماڻهو کي دفن پي ڪيائون تہ ڏس، هنن هڪڙي ٽولي ڏٺي؛ ۽ هنن انهيءَ ماڻهو کي کڻي اليشع جي قبر ۾ اُڇلايو؛ ۽ جنهن وقت اُهو ماڻهو اليشع جي هڏن کي وڃي لڳو، انهيءَ وقت هو وري جيئرو ٿي پيو، ۽ اُٿي پيرن ڀر بيهي رهيو.


۽ منٿ ڪري چيائونس، تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتو، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.


۽ ڪيترن ئي طبيبن جي هٿان گهڻيون تڪليفون سَٺيون هئائين، ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ خرچي کپائي رهي هئي، ۽ فائدو تہ ڪونہ رسيو هوس پر اُٽلندو وڌيڪ بيمار ٿيندي ويئي،


ڇالاءِ جو هن چيو ٿي تہ جي آئون رڳو سندس ڪپڙن کي کڻي هٿ لائينديس، تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس.


۽ ڳوٺن، ۽ شهرن، ۽ ٻهراڙيءَ ۾، جتي ڪٿي هو ويو ٿي، اُتي بيمارن کي بازارن ۾ آڻي ٿي رکيائون، ۽ منٿ ڪري ٿي چيائونس تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتس، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.


ايتري قدر جو سندس بُت تان رومال ۽ بوڇڻ ڇُهائي کڻي وڃي بيمارن کي ڏيندا هئا، تہ هنن کي مرض ڇڏي ويندا هئا، ۽ ڀوت نڪري ويندا هُئن.


ايتري قدر جو ماڻهو بيمارن کي منجن ۽ کٽولن تي کڻي آڻي رستن تي رکندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن پطرس اچي، تڏهن ٻيو نہ تہ من سندس پاڇو ئي منجهانئن ڪنهن تي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ