Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:23 - Sindhi Bible

23 ۽ ڏاڍي نيزاري ڪري چوڻ لڳس تہ منهنجي ننڍي نياڻي مرڻ تي آهي: ڀلائي ڪري هلي هٿ گهمائينس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 کيس ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منھنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آھي، مھرباني ڪري ھلي ھٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:23
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر نعمان ڪاوڙجي هليو ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، مون دل ۾ چيو هو تہ هو ضرور مون وٽ ايندو، ۽ بيهي خداوند پنهنجي خدا جو نالو وٺي سڏيندو، ۽ انهيءَ جاءِ جي مٿان پنهنجو هٿ لوڏيندو ۽ ڪوڙهہ کي ڇُٽائيندو.


تڏهن اهي پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي ٿا پڪارين، ۽ هو کين سندن تڪليفن کان ڇڏائي ٿو.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


سو هن پنهنجو هٿ ڊگهيري کيس ڇُهي چيو، تہ منهنجي مرضي آهي تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ. ۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو.


۽ نانگ کڻندا، ۽ جيڪڏهن زهر پيئندا تہ انهي مان هنن کي ڪنهن بہ طرح جو جوکو نہ رسندو؛ اُهي بيمارن تي هٿ رکندا ۽ هو چڱا ڀلا ٿي پوندا.


تنهن تي هو ساڻس گڏجي ويو، ۽ هڪڙو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان اُٿي هليو، ۽ ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.


۽ ڪيترا ڀوت ڪڍيائون، ۽ گهڻن ئي بيمارن کي تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.


۽ ماڻهو هڪڙي شخص کي وٽس وٺي آيا، جو ٻوڙو هو، ۽ ڳالهائڻ ۾ بہ اٽڪ هيس؛ ۽ منٿ ڪيائونس تہ هن کي پنهنجو هٿ لاءِ.


هن انهي انڌي کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر آندو، ۽ سندس اکين تي ڦيڻي لائي ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي پڇيائينس، تہ ڪي ڏسڻ ۾ اچيئي ٿو؟


۽ مٿس هٿ رکيائين، تہ اُمالڪ سنئين ٿي پيئي، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳي.


پوءِ هو عبادتخاني مان اُٿي شمعون جي گهر ويو، ۽ اُتي شمعون جي سس کي ڏاڍو تپ چڙهيو هو؛ تنهن جي لاءِ کيس سوال ڪيائون.


۽ سج لهڻ مهل جن ماڻهن وٽ طرح طرح جي مرضن ۾ ورتل بيمار هئا، سي سڀيئي انهن کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن هرهڪ تي هٿ رکي کين چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.


۽ جڏهن شهر جي دروازي جي ويجهو آيو، تڏهن ڏسو هڪڙي مڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اُهو ماءُ جو هڪڙو ئي پٽ هو، ۽ اها بيوهہ زال هئي، ۽ شهر جا گهڻا ماڻهو ساڻس هئا.


تڏهن ڀينرن کيس چوائي موڪليو، تہ اي خداوند، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين سو بيمار آهي.


۽ هيئن ٿيو جو پبلوس جو پيءُ تپ ۽ پيچش جي ڪري بيمار پيو هو: تنهن وٽ پولس لنگهي ويو، ۽ دعا گهُري مٿس هٿ رکي کيس ڇُٽايائين.


۽ کين رسولن جي اڳيان آڻي بيهاريائون: جن دعا گهُري مٿن هٿ رکيا.


پوءِ هنن مٿن هٿ رکيا ۽ کين پاڪ روح مليو.


۽ هن ڏٺو آهي تہ هڪڙو ماڻهو حنانياہ نالي اندر آيو آهي، ۽ مٿس هٿ رکيا اٿس، انهي لاءِ تہ کيس وري ڏسڻ جي طاقت ملي.


پوءِ حنانياہ اُٿي هليو، ۽ انهي گهر ۾ ويو ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي چوڻ لڳو، تہ ادا شائول، جنهن خداوند يسوع توکي واٽ تي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن مون کي موڪليو آهي تہ توکي ڏسڻ جي طاقت ملي، ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ