Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:15 - Sindhi Bible

15 ۽ اچي ڏسن تہ اُهو ڀوتاريل ماڻهو، يعني جنهن ۾ ڀوتن جو لشڪر هو، سو يسوع وٽ ڪپڙا پهري، پوري هوش ۾ ويٺو آهي، تڏهن ڊپ وٺي وين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 هو يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 هو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 ھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر ھو سو اتي ويٺو آھي ۽ ڪپڙا پيل اٿس ۽ پوري ھوش ۾ آھي. تڏھن سڀيئي ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:15
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود انهيءَ ڏينهن خدا کان ڊنو، ۽ چوڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح آءٌ خدا جي صندوق پنهنجي گهر پاڻ وٽ آڻيان؟


ڇالاءِ جو جڏهن اوهان پهريون دفعو انهيءَ کي نہ کنيو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڪڙڪي پيو، ڇو جو اسان قانون موجب کيس نہ ڳوليو هو.


هن جي وڏائي اوهان کي نہ ڊيڄاريندي ڇا؟ ۽ هن جو خوف اوهان تي نہ پوندو ڇا؟


اهي گهڻي ڊپ ۾ پيا: ڇو جو خدا راستبازن جي پيڙهيءَ سان آهي.


يا ڪو ڪنهن طاقتور ماڻهوءَ جي گهر ۾ گهڙي، کيس ٻَڌڻ کانسواءِ سندس مال متاع ڦري سگهندو ڇا؟ پر پهرين اُنهي طاقتور ماڻهوءَ کي ٻَڌي پوءِ هو هن جو گهر ڦريندو.


يا تون ڀانئين ٿو تہ آئون پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري نٿو سگهان ڇا، تہ هو هينئر جو هينئر مون ڏانهن ٻارهن فوجن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو.


۽ جڏهن هن ڀوت ڪڍيو، تڏهن خلق عجب ۾ پئجي چوڻ لڳي تہ اسرائيل ۾ اڳي ائين ڪونہ ڏسڻ ۾ آيو.


۽ جن انهن کي ويٺي چاريو، سي اُٿي ڀڳا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اُها خبر ٻڌايائون. تنهن تي ماڻهو اُهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا.


۽ جن اُهو رنگ ڏٺو هو، تن انهي ڀوتاريل ماڻهوءَ جي حقيقت ۽ سوئرن جي ڳالهہ هنن کي ڪري ٻڌائي.


پوءِ جڏهن ٻيڙيءَ تي ٿي چڙهيو، تڏهن جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هئا، تنهن عرض ڪيس تہ مون کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي.


ڇالاءِ جو هن کي گهڻائي ڀيرا نيئرن ۽ زنجيرن سان ٻَڌو هئائون، تہ بہ هن زنجير ڇني، ۽ نيئر پرزا پرزا ڪري ڇڏيا هئا: ۽ ڪوبہ ماڻهو کيس قابو ڪري نٿي سگهيو.


پوءِ پڇيائينس تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هن چيس تہ منهنجو نالو لشڪر آهي؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻا آهيون.


۽ مريم نالي سنديس ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڪلام ويٺي ٻُڌو.


۽ جڏهن هو سڪيءَ تي آيو، تڏهن اُنهي شهر جو هڪڙو ماڻهو گڏيس، جنهن ۾ ڀوت هئا؛ ۽ هو ڪيترن ڏينهن کان نڪي ڪپڙو ڪندو هو، نڪي گهر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذران ڪندو هو.


۽ هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهت ۾ آندو؛


ڇالاءِ جو خدا اسان کي ڊپ جو روح ڪونہ ڏنو آهي، پر قدرت ۽ محبت ۽ ضابطي جو روح ڏنو اٿس.


۽ سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو، ۽ بيت لحم ۾ آيو، ۽ انهي شهر جا بزرگ ڏڪندا، سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ چيائونس تہ تون خير مان تہ آيو آهين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ