Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:13 - Sindhi Bible

13 تنهن تي هن کين موڪل ڏني، ۽ اُهي ڀوت نڪري سوئرن ۾ وڃي پيا، ۽ اُهو ڌڻ، جو شمار ۾ اٽڪل ٻہ هزار هو، سو اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائي مئو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 يسوع انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 عيسيٰ انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 عيسيٰ انھن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻھوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏھن ٻہ ھزار سوئرن جو اھو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان ھيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند انهيءَ کي چيو تہ ڇا سان؟ ۽ هن چيو تہ آءٌ نڪري وڃي هن جي سڀني نبين جي وات ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ روح ٿيندس. ۽ هن چيو تہ تون هن کي ڌتاريندين ۽ غالب بہ ٿيندين: وڃ، وڃي ائين ڪر.


۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، جيڪي هن وٽ آهي سو سڀ تنهنجي اختيار ۾ آهي؛ رڳو هن جي جان تي تون پنهنجو هٿ نہ کڻج، تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان هليو ويو.


۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، هو تنهنجي هٿ ۾ آهي؛ رڳو هن جي حياتي بچيل رهي.


جيڪي پاڪ آهي سو ڪتن کي نہ ڏيو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن جي اڳيان اُڇلائي وجهو، تہ متان هو اُنهن کي پنهنجن پيرن هيٺ لتاڙين ۽ ڦري اچي اوهان کي ڏارين.


۽ هن چين تہ وڃو. پوءِ هو نڪري وڃي سوئرن ۾ پيا: ۽ ڏسو، سڄو ڌڻ اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏي مُئو.


۽ هو کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا تہ اسان کي سوئرن ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي.


۽ جن انهن کي ويٺي چاريو، سي اُٿي ڀڳا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اُها خبر ٻڌايائون. تنهن تي ماڻهو اُهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا.


اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.


هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.


۽ جڏهن اُهي هزار ورهيہ پورا ٿيندا، تڏهن شيطان پنهنجي قيد مان ڇُٽندو،


اُنهن جي مٿان اوڙاهہ وارو ملائڪ بادشاهہ هو: انهي جو نالو عبرانيءَ ٻوليءَ ۾ ابدون آهي، ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ