Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:41 - Sindhi Bible

41 ۽ هو ڏاڍا ڊنا، ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ هي تڏهن ڪير آهي، جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 پر اهي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ هن جو حڪم مڃين ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 پر اهي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻي بہ هن جو حڪم مڃين ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 پر اھي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻي بہ ھن جو حڪم مڃين ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:41
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيم تہ تون هيستائين ايندين پر اڳتي نہ ويندين؛ ۽ هتي تنهنجون مغرور لهرون بيهي وينديون؟


هو اهڙو خدا آهي جو پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تعظيم جي لائق آهي؛ ۽ جيڪي سندس آس پاس آهن تن سڀني کان هو وڌيڪ هيبتناڪ آهي.


هن سان منهنجو عهد زندگيءَ ۽ سلامتيءَ جو هو: ۽ مون هن کي زندگي ۽ سلامتي انهيءَ لاءِ بخشي تہ هو منهنجو ڊپ رکي، ۽ سچ پچ هو مون کان ڊنو ۽ منهنجي نالي جي تعظيم ڪيائين.


۽ جڏهن هو ٻيڙيءَ تي چڙهيا، تڏهن واءُ بيهي ويو.


۽ ماڻهن کي عجب لڳي ويو، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟


پوءِ هنن کي چيائين، تہ ڇو ٿا ڊڄو؟ اڃا بہ ايمان ڪونہ اٿوَ ڇا؟


۽ هو سمنڊ جي پرئين ڀر گراسينين جي ملڪ ۾ لنگهي آيا.


پر زال کي خبر هئي تہ ساڻس ڇا ٿيو آهي، سا ڊڄندي ۽ ڏڪندي اچي پيرين پيس، ۽ سموري ڳالهہ ڪري ٻڌايائينس.


۽ هنن کي بيحد عجب لڳو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن سڀ جيڪي ڪيو آهي سو چڱو آهي: بلڪ هو ٻوڙن کي ٻڌڻ جي، ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.


۽ سڀني کي عجب لڳو، ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙو ڪلام آهي؟ ڇالاءِ جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي، ۽ اُهي نڪريو اچن.


۽ اُنهن کي چيائين تہ اوهان جو ايمان ڪيڏانهن ويو؟ ۽ اُهي ڊڄي ويا، ۽ عجب ۾ پئجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي، جو واءُ ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري ۽ اُهي مڃينس ٿا؟


تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛


اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.


رڳو خداوند کان ڊڄو ۽ پنهنجي سڄي دل سان سچيءَ طرح سندس عبادت ڪريو: ڇالاءِ تہ ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪهڙا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ