Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:38 - Sindhi Bible

38 ۽ پاڻ پاڇيل تي وهاڻو ڏيو سمهيو پيو هو، ۽ هنن اچي جاڳائي چيس، تہ اي اُستاد، توکي پرواهہ ئي ڪانهي ڇا تہ اسين برباد ٿا ٿيون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 يسوع ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ چيلن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي گرو! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ شاگردن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پاڇيل تي وھاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو ھو تہ شاگردن اچي کيس جاڳايو ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آھيون ۽ اوھان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:38
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن.


اي خداوند، انهن ڳالهين هوندي بہ تون پاڻ کي روڪي ڇڏيندين ڇا؟ تون ماٺ ڪري اسان کي سخت مصيبت ۾ پيو وجهندين ڇا؟


هائو، جڏهن آءٌ دانهون ڪري مدد ٿو گهران، تڏهن هو منهنجو سوال نٿو ٻڌي.


۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.


۽ هنن اچي جاڳائي چيس تہ اي خداوند بچاءِ، اسين چٽ ٿا ٿيون.


پوءِ اچي هڪڙو وڏو طوفان لڳو، ۽ لهرن ٻيڙيءَ تي اهڙو سٽڪو لائي ڏنو، جو ٻيڙي ڀرجڻ لڳي.


تنهن تي هو جاڳيو، ۽ واءُ کي جهڻڪيائين، ۽ سمنڊ کي چيائين، تہ بس، ماٺو ٿيءُ. پوءِ واءُ بيهي ويو ۽ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي.


تڏهن وٽس اچي جاڳائي چيائونس، تہ اي سائين، اي سائين، اسين تہ ٻُڏي وياسين. تنهن تي هو اُٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي لهرن کي جهڻڪيائين: جنهن ڪري اُهي بيهي ويا، ۽ نوائي ٿي ويئي.


۽ اتي يعقوب جو کوهہ هو. پوءِ يسوع، جو مسافريءَ تان ٿڪجي آيو هو، سو ائين جو ائين کوهہ تي اچي ويٺو، اُهو اٽڪل ٻنپهرن جو وقت هو.


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


پنهنجو سمورو فڪر مٿس رکو، ڇالاءِ جو هن کي اوهان جو خيال آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ