Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:34 - Sindhi Bible

34 ۽ مثالن کانسواءِ هو ساڻن ڳالهائيندو ئي ڪين هو: پر علحدگيءَ ۾ هو پنهنجن شاگردن کي سڀني ڳالهين جو مطلب سمجهائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 هو ماڻهن سان مثالن کان سواءِ نہ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن چيلن سان اڪيلائپ ۾ هوندو هو تہ کين سڀني ڳالهين جو مطلب سمجھائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 هو ماڻهن سان مثالن کان سواءِ نہ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ هوندو هو تہ کين سڀني ڳالهين جو مطلب سمجھائيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 ھو مثالن کان سواءِ انھن سان نہ ڳالھائيندو ھو، پر جڏھن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ ھوندو ھو تہ کين سڀني ڳالھين جو مطلب سمجھائيندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:34
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اِهي سڀ ڳالهيون يسوع ميڙاڪن کي مثالن ۾ ٻڌائيندو هو؛ ۽ اُنهن سان مثالن کانسواءِ ڪي بہ ڪين ڳالهائيندو هو:


۽ جڏهن هو نويڪلو ٿيو، تڏهن اُنهن ٻارهن ۽ جيڪي سندس آس پاس هئا، تن اُنهن مثالن بابت پڇيس.


۽ اهڙن ڪيترن ئي مثالن سان هو اُنهن کي سندن سمجهہ آهر ڪلام ٻڌائيندو هو؛


پوءِ موسيٰ ۽ ٻين نبين کان وٺي سندس بابت جيڪي ڳالهيون مڙني پاڪ لکيتن ۾ هيون، سي انهن کي کولي ٻُڌائڻ لڳو.


اهو مثال يسوع کين ٻُڌايو، پر هنن کي سمجهڻ ۾ ڪين آيو تہ هيءُ اسان سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري.


اهي ڳالهيون مون اوهان کي مثالن ۾ ٻُڌايون آهن، پر اُها گهڙي اچي ٿي جنهن ۾ آئون اوهان سان وري مثالن ۾ ڪين ڳالهائيندس، پر پيءُ بابت صاف صاف ڪري ٻڌائيندوسانوَ.


۽ جڏهن انهن ساڻس هڪڙو ڏينهن ٺهرايو، تڏهن گهڻائي گڏ ٿي سندس رهڻ واري هنڌ آيا، پوءِ هو خدا جي بادشاهت بابت شاهدي ڏيئي، ۽ يسوع جي بابت موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي ڪتابن مان دليل ڏيئي، صبح کان وٺي شام تائين کين سمجهائيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ