Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:28 - Sindhi Bible

28 ۽ زمين پاڻهي ڦل پيدا ٿي ڪري؛ پهريائين سلو ٿو نڪري، پوءِ سنگ، تنهن کانپوءِ سنگن ۾ پڪل داڻا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 زمين پاڻيهي فصل ڏئي ٿي، پهريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 زمين پاڻيهي فصل ڏئي ٿي، پهريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 زمين پاڻھي ئي فصل ڏئي ٿي، پھريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:28
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند خدا زمين مان هر ڪنهن قسم جا وڻ اُڀاريا، جن جو ميوو ڏسڻ ۾ دلپسند ۽ کائڻ ۾ چڱو هو؛ ۽ باغ جي وچ ۾ زندگيءَ جو وڻ، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ جو وڻ بہ اُڀاريائين.


هو انهي وڻ وانگي ٿيندو جو پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنڌي تي لڳايل آهي، ۽ پنهنجيءَ مند تي ميوو ٿو ڏئي، انهي جا پن بہ سڙي نٿا وڃن؛ سو جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


پر سچن جي واٽ چمڪندڙ روشنائيءَ وانگر آهي، جا وڌيڪ چمڪندي چمڪندي ڪامل ڏينهن تائين پهچي ٿي.


سڀ ڪنهن شيءِ جي لاءِ موسم آهي، ۽ آسمان جي هيٺان سڀ ڪنهن ڪم جي لاءِ هڪڙو وقت مقرر آهي.


هن سڀڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي وقت تي سهڻي ڪئي آهي: ۽ هن ابديت انهن جي دل ۾ رکي آهي؛ پر اهڙيءَ طرح جو جيڪو ڪم خدا شروع کان پڇاڙيءَ تائين ڪيو آهي سو انسان سمجهي نٿو سگهي.


ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.


۽ اچو تہ ڳولا ڪريون، ۽ خداوند کي سڃاڻڻ لاءِ پيروي ڪريون؛ هن جو اچڻ يقيناً صبح وانگر آهي: ۽ هو اسان وٽ مينهن وانگر ايندو، انهي پوئين مينهن وانگر جو زمين کي ريج ٿو ڏئي.


۽ جڏهن سلا اُڀريا، ۽ ڦل جهليائون، تڏهن جهنگلي ٻج بہ ظاهر ٿيو.


۽ رات جو سمهي ۽ ڏينهن جو جاڳي، ۽ ٻج اهڙيءَ طرح پيو اُڀري ۽ وڌي جو هن کي انهيءَ جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ ٿو پوي.


پر جڏهن اَن پچي ٿو رهي، تڏهن يڪدم هو انهي ۾ ڏاٽو ٿو وجهي، ڇالاءِ جو لاباري جو وقت اچي پهتو آهي.


۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛


انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ