Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:17 - Sindhi Bible

17 پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين جٽاءُ ٿا ڪن، ۽ جڏهن ڪلام جي ڪري سختي يا ستائڻ شروع ٿو ٿئي، تڏهن يڪدم ڀلجيو وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پر اهو انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏهن سنديش جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پر اهو انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏهن پيغام جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پر اھو انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. سو جڏھن ڪلام جي ڪري مٿن ڪا مصيبت يا تڪليف اچي ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:17
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن اوهين چوندا تہ اسين هن کي ڪيئن نہ ستائينداسين، ڇالاءِ جو ڳالهہ جو بنياد مون ۾ موجود آهي؛


۽ مبارڪ آهي اُهو جيڪو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.


تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ سڀڪو گناهہ ۽ ڪفر ماڻهن کي معاف ڪيو ويندو؛ پر پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر معاف نہ ڪيو ويندو.


تڏهن بہ هن منجهہ اڃا پاڙ نہ لڳي آهي، تنهنڪري ٿوري وقت تائين اُهو جٽاءُ ڪري ٿو؛ ۽ جڏهن اُنهي ڪلام جي سبب سختي يا ستائڻ شروع ٿو ٿئي، تڏهن يڪدم هو ڀلجيو وڃي.


۽ انهيءَ طرح جيڪي ٽڪرائتيءَ زمين تي پوکيل آهن، سي اُهي آهن جي جڏهن ڪلام ٻڌن، تڏهن يڪدم اُهي خوشيءَ سان قبول ٿا ڪن؛


۽ ٻيا جيڪي ڪنڊين ۾ پوکيا ويا آهن، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا،


۽ جيڪو بہ ماڻهو ابن آدم جي برخلاف ڪا ڳالهہ چوندو، تنهن کي اُها معاف ڪئي ويندي، پر جيڪو بہ ماڻهو پاڪ روح جي بابت ڪفر بڪندو، تنهن کي اُهو معاف نہ ٿيندو.


تڏهن اهي يهودي جن کيس مڃيو هو، تن کي چوڻ لڳو، تہ جي اوهين منهنجي ڪلام تي قائم رهندا، تہ سچ پچ منهنجا شاگرد آهيو؛


جيڪي ماڻهو جسماني ڏيک ڪرڻ ٿا گهُرن، سي اوهان کي ختني ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، رڳو انهي لاءِ تہ مسيح جي صليب جي سبب هو ستايا نہ وڃن.


توکي اها خبر آهي تہ آسيہ جا سڀيئي ماڻهو مون کان ڦري ويا آهن؛ جن مان فوگلس ۽ هرموگنيس آهن.


ڇالاءِ جو ديماس هن دنيا کي پسند ڪري مون کي ڇڏي ويو ۽ ٿسلونيڪيءَ ڏانهن هليو ويو؛ ڪريسڪينس گلتيہ ڏانهن، ۽ طيطس دلمتيہ ڏانهن هليو ويو.


منهنجي پهرئين ڏنل بچاءَ ۾ ڪنهن بہ منهنجو طرف نہ ورتو، پر سڀني مون کي ڇڏي ڏنو؛ شل کين انهي جو حساب ڏيڻو نہ پوي.


تڏهن اوهين خيال ڪريو تہ اُهو شخص ڪيتري نہ وڌيڪ سزا جو لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. ۽ جنهن عهد جي رت سان هو پاڪ ڪيو ويو، تنهن کي هن هڪڙي ناپاڪ شيءِ ليکيو آهي، ۽ فضل جي روح کي بي عزت ڪيو اٿس.


اهي نڪتا تہ اسان منجهان ئي آهن، مگر اُهي اسان جا ڪين هئا؛ ڇالاءِ جو جي هو اسان منجهان هجن ها، تہ اسان سان گڏ ٿي رهندا اچن ها: پر هو نڪري ويا آهن، انهي لاءِ تہ ظاهر ٿئي تہ هو سڀ اسان منجهان ناهن.


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


مون کي خبر آهي تہ تون ڪٿي ٿو رهين، يعني اُتي جتي شيطان جو تخت آهي: ۽ تون منهنجي نالي تي قائم آهين، ۽ جن ڏينهن ۾ منهنجو ايماندار شاهد انتيپاس اوهان منجهہ قتل ڪيو ويو، جتي شيطان ٿو رهي، تن ڏينهن ۾ بہ اوهان منهنجي ايمان جو انڪار نہ ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ