Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:12 - Sindhi Bible

12 تہ ڏسندي ڏسن ۽ نہ پروڙين، ۽ ٻڌندي ٻڌن ۽ نہ سمجهن؛ تہ متان ڦري اچن ۽ معافي ملين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تہ جيئن ’اهي نهاريندي نهاريندي بہ نہ ڏسن، ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن، تہ متان انهن جون دليون ايشور جي طرف ڦري پون ۽ هو کين معاف ڪري ڇڏي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تہ جيئن ’اهي نهاريندي نهاريندي بہ نہ ڏسن، ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن، تہ متان انهن جون دليون خدا جي طرف ڦري پون ۽ هو کين معاف ڪري ڇڏي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 تہ جيئن: ’اھي نھاريندي نھاريندي بہ نہ ڏسن، ٻڌندي ٻڌندي بہ نہ سمجھن، تہ متان انھن جون دليون خدا جي طرف ڦري پون ۽ ھو کين بخشي ڇڏي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن انڌن ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر آڻ جن کي اکيون آهن، ۽ انهن ٻوڙن کي جن کي ڪن آهن.


اهي نٿا ڄاڻن نڪي ويچار ڪن ٿا، جو هن انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿا سگهن؛ ۽ هن انهن جون دليون سخت ڪيون آهن جنهن ڪري هو سمجهي نٿا سگهن.


امڪان آهي تہ يهوداہ جو گهراڻو اُها سڀ خرابي ٻڌي جا آءٌ انهن سان ڪرڻ ٿو گهران؛ تہ من هنن مان سڀ ڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ آءٌ هنن جو قصور ۽ هنن جو گناهہ معاف ڪريان.


اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:


اي آدمزاد، تون هڪڙي اهڙي باغي گهراڻي ۾ ٿو رهين، جن کي ڏسڻ لاءِ اکيون آهن پر ڏسن نٿا، جن کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي هڪڙي باغي گهراڻي جا آهن.


اکين هوندي بہ نٿا ڏسو ڇا؟ ۽ ڪنن هوندي بہ نٿا ٻڌو ڇا؟ ۽ ياد نٿو پويوَ ڇا؟


تڏهن هن چيو تہ اوهان کي خدا جي بادشاهت جي رازن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي؛ پر ٻين کي مثالن طور ٻڌايو ويو آهي، تہ اُهي ڏسندي نہ ڏسن، ۽ ٻُڌندي نہ سمجهن.


تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛


پر خداوند توکي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجهي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن، ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.


۽ جيڪي مخالف آهن تن کي حلم سان سمجهائي، شايد خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ هو سچ کي سڃاڻن،


۽ پوءِ ڦري ويا، تن کي توبهہ جي لاءِ نئون بنائڻ ناممڪن آهي؛ ڇالاءِ جو اُهي خدا جي فرزند کي پاڻ لاءِ نئين سر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن کي ذليل ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ