Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:11 - Sindhi Bible

11 انهن کي چيائين تہ اوهان کي خدا جي بادشاهي جي ڳجهہ جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، مگر جيڪي ٻاهر آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن طور ٿيون ٻڌائجن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 هن انهن کي چيو تہ ”اوهان کي تہ ايشور جي راڄ جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آهي. پر جيڪي منهنجا پوئلڳ نہ آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هن انهن کي چيو تہ ”اوهان کي تہ خدا جي بادشاهيءَ جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آهي. پر جيڪي منهنجا پوئلڳ نہ آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ھن انھن کي چيو تہ ”اوھان کي خدا جي بادشاھت جي ڳُجھہ جي سمجھہ ڏني ويئي آھي. پر جيڪي منھنجا پوئلڳ نہ آھن تن کي سڀ ڳالھيون مثالن سان ٻڌائجن ٿيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي،


پر مبارڪ آهن اوهان جون اکيون، ڇالاءِ جو اُهي ڏسن ٿيون، ۽ مبارڪ آهن اوهان جا ڪَن، ڇالاءِ جو اُهي ٻُڌن ٿا.


۽ يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي شمعون بار يوناهہ، تون مبارڪ آهين: ڇالاءِ جو گوشت ۽ رت نہ، پر منهنجو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن توکي ظاهر ڪري ڄاڻايو آهي.


انهن کي هو پاڻ وٽ ڪوٺي مثالن ۾ چوڻ لڳو، تہ ڀلا شيطان، شيطان کي ڪيئن ڪڍي سگهندو؟


۽ جڏهن هو نويڪلو ٿيو، تڏهن اُنهن ٻارهن ۽ جيڪي سندس آس پاس هئا، تن اُنهن مثالن بابت پڇيس.


۽ هو اُنهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن ۾ سيکارڻ لڳو، ۽ پنهنجي تعليم ڏيندي چيائين،


تڏهن هن چيو تہ اوهان کي خدا جي بادشاهت جي رازن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي؛ پر ٻين کي مثالن طور ٻڌايو ويو آهي، تہ اُهي ڏسندي نہ ڏسن، ۽ ٻُڌندي نہ سمجهن.


ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟


ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.


جيئن تہ هن پنهنجي مرضيءَ جو راز انهي پنهنجي چڱي ارادي موجب اسان تي ظاهر ڪيو، جو هن پاڻ ۾ ٺهرائي ڇڏيو هو،


وقت کي غنيمت ڄاڻي جيڪي (ڪليسيا کان) ٻاهر آهن، تن سان ڏاهپ سان هلت ڪريو.


تان تہ جيڪي ڪليسيا کان ٻاهر آهن تن کان عزت مليوَ ۽ ڪنهن جا بہ محتاج نہ ٿيو.


جيڪي ٻاهر آهن تن وٽ بہ نيڪ ناموس وارو هئڻ گهرجي؛ تہ متان ملامت ۾ يا شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ