Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:17 - Sindhi Bible

17 ۽ زبديءَ جو پٽ يعقوب، ۽ يعقوب جو ڀاءُ يوحنا، جن تي بونرگس، يعني گجگوڙ جا پٽ نالو رکيائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بوانرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بوانرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بونرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو ڪلام باهہ جي مثل ناهي ڇا؟ ۽ انهي مترڪي جي مثل جو ٽڪر کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏي؟


اُتان اڳڀرو هلي هن ٻيا ٻہ ڀائر، زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا ڏٺا، جن پنهنجي پيءُ زبديءَ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ پنهنجي ڄارن جي مرمت پئي ڪئي، تن کي بہ سڏيائين.


۽ زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اي استاد، اسان جي مرضي آهي تہ جيڪي اسين توکان گهُرون، سو تون اسان لاءِ ڪرين.


۽ هن پطرس ۽ يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو، ۽ ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيڻ لڳو.


شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين؛


۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ توما، ۽ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدي، ۽ شمعون ڪنعاني،


۽ هن پطرس، ۽ يعقوب، ۽ يعقوب جي ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پنهنجي پٺيان اچڻ نہ ڏنو.


۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ يسوع پطرس ۽ يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان گڏ خلاصو هڪڙي مٿانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي پيئي:


تڏهن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو، تہ اي خداوند، تنهنجي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آسمان مان باهہ اچي اُنهن کي برباد ڪري ڇڏي؟


شمعون پطرس ۽ توما، جنهن کي جاڙو چوندا هئا، ۽ نتن ايل گليل جي قانا شهر وارو، ۽ زبديءَ جا پٽ، ۽ ٻيا بہ سندس شاگرد پاڻ ۾ ويٺا هئا.


هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيروديس بادشاهہ ڪليسيا مان ڪن کي ستائڻ جي لاءِ پنهنجو هٿ کنيو؛


ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري.


۽ مون کي چيو ويو تہ توکي ضرور گهڻين اُمتن، ۽ قومن، ۽ ٻولين، ۽ بادشاهن جي نسبت ۾ پيشنگوئي ڪرڻي پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ