Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:26 - Sindhi Bible

26 ڪيئن نہ هو سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ خدا جي گهر ۾ گهڙي ويو، ۽ نذر جون مانيون، جنهن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ پنهنجن ساٿين کي بہ ڏنائين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ھو سردار ڪاھن ابياتر جي ڏينھن ۾ خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو. اتي ھن نذر جون مانيون پاڻ بہ کاڌيون ۽ پنھنجن ساٿين کي بہ ڏنيون، جيتوڻيڪ اُھي مانيون ڪاھنن کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ کائڻ جائز نہ ھيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:26
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، صدوق بہ آيو، ۽ ساڻس سڀ لاوي خدا جي عهدنامي جي صندوق کڻي هليا؛ ۽ هنن خدا جي صندوق کڻي رکي، ۽ ابياتر مٿي چڙهي ويو، جيسين ڪ سڀ ماڻهو شهر مان نڪري ويا.


تنهنڪري صدوق ۽ ابياتر خدا جي صندوق کڻي وري يروشلم ڏي ويا: ۽ هو اتي رهڻ لڳا.


۽ اتي توسان صدوق ۽ ابياتر ڪاهن ناهن ڇا؟ تنهنڪري هيئن ٿيندو تہ جيڪا بہ ڳالهہ تون بادشاهہ جي گهران ٻڌين سا صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي ٻڌائج.


۽ سوا محرر هو: ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا:


۽ صدوق بن اخيطوب، ۽ اخيملڪ بن ابي ياتر ڪاهن هئا؛ ۽ شراياہ محرر هو؛


هن يوآب بن ضروياہ، ۽ ابياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي: ۽ هو ادونياہ جي پٺيان لڳي سندس مدد ڪرڻ لڳا.


۽ بادشاهہ سليمان پنهنجي ماءُ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تون ابي شاگ شونميت ادونياہ جي لاءِ ڇو ٿي گهرين؟ هن جي لاءِ بادشاهي بہ گهر؛ ڇالاءِ جو هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي؛ بلڪ هن جي لاءِ، ۽ ابياتر ڪاهن جي لاءِ، ۽ يوآب بن ضروياہ جي لاءِ بہ.


۽ بناياہ بن يهويدع، لشڪر جي مٿان هو؛ ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا؛


۽ سمعياہ بن نتني ايل محرر، جو لاوين مان هو، تنهن بادشاهہ، ۽ سردارن، ۽ صدوق ڪاهن، ۽ اخي ملڪ بن ابياتر، ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو اهي لکيا: جڏهن اليعزر جو هڪڙو اباڻو گهراڻو کنيو ويو، تڏهن اتمر جو بہ هڪڙو اباڻو گهراڻو کنيو ويو.


ڪيئن نہ هن خدا جي گهر ۾ گهڙي نذر جون مانيون وڃي کاڌيون، جي کيس توڙي سندس ساٿين کي کائڻ روا نہ هيون، پر رڳو ڪاهنن کي؟


انهن کي چيائين تہ اوهان ڪڏهن پڙهيو نہ آهي ڇا، تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي گهرج پيئي، ۽ بک لڳي هين، تڏهن ڇا ڪيو هئائون؟


پوءِ دائود نوب ۾ اخيملڪ ڪاهن وٽ آيو: ۽ اخيملڪ ڏڪندو دائود کي گڏجڻ آيو، ۽ انهي کي چوڻ لڳو تہ ڇو تون اڪيلو آهين ۽ ٻيو ڪو ماڻهو تو وٽ ڪونهي؟


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ابي ياتر بن اخيملڪ قعيلہ ڏي دائود ڏانهن ڀڳو هو، تڏهن هو پاڻ سان هڪڙو افود کڻي آيو هو.


۽ دائود کي خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جي رٿ پيو ڪري: ۽ هن ابي ياتر ڪاهن کي چيو تہ افود کڻي اچ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ