Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:2 - Sindhi Bible

2 ۽ ايترا ماڻهو اچي ڪَٺا ٿيا جو جاءِ بلڪل ڪانہ هئي، بلڪ دروازي وٽ بہ نہ: ۽ هن انهن کي ڪلام ويٺي ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 سو ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي. جڏهن يسوع انهن کي سنديش پئي ڏنو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سو ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي. جڏهن عيسيٰ انهن کي پيغام پئي ڏنو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 سو ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيھڻ جي جاءِ ڪانہ ھئي. عيسيٰ انھن کي خدا جو ڪلام پئي ٻڌايو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:2
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون وڏي جماعت ۾ تنهنجيءَ راستبازيءَ کي ظاهر ڪيو آهي؛ اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ پنهنجو منهن بند نہ ڪندس.


۽ هو پنهنجو وات کولي هنن کي تعليم ڏيڻ لڳو تہ:


هاڻي يوحنا جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، يسوع گليل ۾ آيو، ۽ خدا جي انجيل جي منادي ڪندي چيائين،


۽ سڄو شهر دروازي تي اچي گڏ ٿيو.


۽ جڏهن لڌائونس، تڏهن چوڻ لڳس تہ سڀيئي توکي پيا ڳولين.


پر هن اها ڳالهہ ايتري وڃي هلائي ۽ ظاهر ڪئي، جو يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کليو کُلايو گهڙي نٿي سگهيو، پر ٻاهر ويران هنڌن ۾ وڃي رهيو، جتي سڀني پاسن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي.


هو وري سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي اُٿي هليو، ۽ ساري خلق وٽس آئي، ۽ هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.


پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.


انهي وچ ۾ جڏهن هزارين ماڻهو اچي مڙيا، ايتري قدر جو هڪ ٻئي تي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا، تڏهن پهريائين پهريائين پنهنجن شاگردن کي چوڻ لڳو تہ فريسين جو خمير، جو رياڪاري آهي، تنهن کان سنڀالجو.


۽ اُنهي وقت هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جو تعليم ويٺي ڏنائين، ۽ فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جي گليل ۽ يهوديہ جي هر ڪنهن ڳوٺ ۽ يروشلم مان آيا هئا: ۽ صحت ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت وٽس موجود هئي.


تنهن کانپوءِ جلد ئي هيئن ٿيو تہ هو شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ منادي ڪندو، ۽ خدا جي بادشاهت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گهُميو، ۽ اُهي ٻارهن بہ ساڻس گڏ هئا،


هاڻي انهي مثال جو مطلب هي آهي: ٻج آهي خدا جو ڪلام.


هاڻي جيڪا مصيبت استيفنس جي ڪري اچي پيئي هئي، تنهنڪري جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي گهُمندي گهُمندي فينيڪي، ۽ ڪپرس، ۽ انتاڪيہ تائين وڃي نڪتا، پر يهودين کانسواءِ ڪنهن بہ ٻئي کي ڪلام ڪين ٻُڌائيندا هئا.


۽ جڏهن پرگا ۾ ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن اطاليہ ڏانهن هليا ويا؛


۽ هو فروگيہ ۽ گلتيہ جي ملڪن مان لنگهي ويا، جو پاڪ روح هنن کي آسيا ۾ ڪلام ٻُڌائڻ کان منع ڪئي هئي؛


هاڻي جڏهن هو شاهدي ڏيئي ۽ خدا جو ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن يروشلم ڏانهن موٽيا، ۽ سامرين جي گهڻن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبري ٻُڌايائون.


پر اُها ڇا ٿي چوي؟ هيءُ تہ ”ڪلام توکي ويجهو آهي، بلڪ تنهنجي وات ۾ ۽ تنهنجي دل ۾ آهي:“ اهو ئي ايمان جو ڪلام آهي، جنهن جي اسين منادي ٿا ڪريون.


تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ