Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:16 - Sindhi Bible

16 ۽ جڏهن فريسين جي فقيهن هن کي انهن گنهگارن ۽ ٺيڪيدارن سان گڏ ماني کائيندو ڏٺو، تڏهن سندس شاگردن کي چوڻ لڳا، تہ هو محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ويٺو کائي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 ڪن فريسي نيم شاسترين جڏهن ڏٺو تہ يسوع اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 شريعت جي ڪن فريسي عالمن جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ڪن شريعت جي عالم فريسين جڏھن ڏٺو تہ عيسيٰ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ٿو کائي، تڏھن انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ھو محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جا چوي ٿي تہ پري ٿي بيهہ، منهنجي ويجهو نہ اچ؛ ڇالاءِ جو آءٌ توکان پاڪ آهيان: اهي منهنجي نڪ ۾ دونهين جهڙا، ۽ سڄو ڏينهن ٻرندڙ باهہ جهڙا آهن.


۽ جي هو انهن جي بہ نہ مڃي، تہ ڪليسيا کي چئو، ۽ جي هو ڪليسيا جي بہ نہ مڃي، تہ پوءِ هن کي غير قوم ۽ محصولي ٺيڪيدار ڪري ڄاڻ.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين انهن کي پيار ڪندا جي اوهان کي پيار ٿا ڪن، تہ پوءِ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ محصولي ٺيڪيدار بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟


۽ جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو تڏهن هن جي شاگردن کي چيائون تہ اوهان جو اُستاد محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏجي ڇو ٿو کائي؟


۽ هيئن ٿيو جو يسوع هن جي گهر ماني ويٺي کاڌي، ۽ ڪيترائي محصولي ٺيڪيدار، ۽ گنهگار اچي ساڻس ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا: ڇالاءِ جو هو گهڻيئي هئا، ۽ سندس پٺيان هليا آيا هئا.


تہ هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي: هڪڙي خدا کانسواءِ ٻيو ڪير گناهہ معاف ڪري ٿو سگهي؟


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.


ڇالاءِ جو ابن آدم جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن تن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي.


۽ جڏهن اُنهن اهو ڏٺو، تڏهن سڀيئي سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هو گنهگار جي گهر وڃي لٿو آهي.


۽ فريسي ۽ سندن فقيهہ، سندس شاگردن تي ڪُرڪي چوڻ لڳا تہ اوهين ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿا کائو پيئو؟


پوءِ تہ ڏاڍو گوڙ اچي متو، ۽ فريسين جي طرف جا ڪي عالم اُٿي بيٺا، ۽ جهيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ اسين هن ماڻهوءَ ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ٿا ڏسون: ۽ جي ڪنهن روح يا ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا؟


پر جيڪو روحاني ماڻهو آهي سو سڀ ڳالهيون جاچي ٿو، پر خود کيس ڪو ٻيو نٿو جاچي.


ڇالاءِ جو جنهن گنهگارن جي طرفان ايتري مخالفت سَٺي، تنهن تي غور ڪريو، تان تہ اوهين بيزار ٿي همت نہ هاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ