Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:1 - Sindhi Bible

1 ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ يسوع وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ڪن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ وري موٽي آيو ۽ اھا خبر پکڙجي ويئي تہ ھو گھر ۾ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ناصرت ڇڏي اچي ڪفرناحوم ۾ رهڻ لڳو، جو سمنڊ جي ڪناري تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آهي:


۽ هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هن ڀر لنگهي پنهنجي شهر ۾ آيو.


پر هن اها ڳالهہ ايتري وڃي هلائي ۽ ظاهر ڪئي، جو يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کليو کُلايو گهڙي نٿي سگهيو، پر ٻاهر ويران هنڌن ۾ وڃي رهيو، جتي سڀني پاسن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


۽ ايترا ماڻهو اچي ڪَٺا ٿيا جو جاءِ بلڪل ڪانہ هئي، بلڪ دروازي وٽ بہ نہ: ۽ هن انهن کي ڪلام ويٺي ٻڌايو.


۽ وري اُتي ايڏي خلق اچي مڙي جو هنن کي ماني کائڻ جي بہ فرصت نہ ٿي ملي.


۽ جڏهن هو گوڙ مان نڪري آيو، تڏهن سندس شاگردن انهي مثال بابت کانئس پڇيو.


پوءِ اُتان اُٿي صور ۽ صيدا جي حدن ڏانهن ويو. ۽ هڪڙي گهر ۾ اندر ويو، ۽ مرضي هيس تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهي جي خبر نہ پوي، پر لڪي نہ سگهيو.


۽ جڏهن هو گهر آيو، تڏهن سندس شاگردن خلاصو پڇيس، تہ اسين ڇو ڪڍي ڪين سگهياسونس؟


تڏهن چيائينس تہ اوهين ضرور مون کي هيءُ مثال ڏيندا تہ اي طبيب، پاڻ کي تہ ڇُٽاءِ: جيڪي اسان ٻڌو آهي تہ تو ڪفرناحوم ۾ ڪيو آهي، سو هت پنهنجي وطن ۾ بہ ڪري ڏيکار.


۽ ڏسو، ماڻهو هڪڙي اڌرنگيءَ کي کٽولي تي کڻي آيا، ۽ ڪوشش ڪيائون تہ هن کي اندر کڻي وڃي سندس اڳيان رکون.


جڏهن هن ٻُڌو تہ يسوع يهوديہ مان گليل ۾ آيو آهي، تڏهن وٽس ويو ۽ عرض ڪيائينس تہ هلي منهنجي پٽ کي چڱو ڀلو ڪر؛ جو هو مرڻ تي هو.


سو جڏهن اهو گوڙ ٻُڌڻ ۾ آيو، تڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ حيران ٿي ويئي، ڇالاءِ جو سڀني ماڻهن هنن کي پنهنجي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندو ٻُڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ