4 ۽ اڃا مٿي نهارين تہ ڏسن تہ اهو پهڻ جو تمام ڳرو هو، سو پاسي ٿيو پيو آهي.
4 پر جڏھن اچي نھاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اھو پٿر تہ اڳي ئي رڙھيو پيو آھي.
ٽڪر ۾ جا پنهنجي نئين قبر کوٽائي هئائين، تنهن ۾ اهو رکيائين؛ ۽ هن هڪڙو وڏو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو ۽ هليو ويو.
تڏهن هو پهري وارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا، ۽ پهڻ تي مهر هڻي، قبر جي حفاظت ڪيائون.
۽ پاڻ ۾ پئي چيائون تہ ڪير اسان کي قبر جي منهن تان پهڻ هٽائي ڏيندو؟
۽ قبر ۾ گهڙي ڏسن تہ هڪڙو جوان ماڻهو اڇن ڪپڙن سان ساڄي پاسي ويٺو آهي؛ ۽ هو عجب ۾ پئجي ويون.
۽ اچي ڏسن تہ پهڻ ليٽيو قبر کان پاسي ٿيو پيو آهي.
هاڻي هفتي جي پهرئين ڏينهن اڃا اونداهي هئي، تہ ڍڪيءَ جو مريم مگدليني قبر تي آئي، ۽ ڏسي تہ قبر تان پهڻ هٽيو پيو آهي.