Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:20 - Sindhi Bible

20 ۽ هنن وڃي هنڌ هنڌ منادي ڪئي، ۽ خداوند انهي ڪم ۾ ساڻن شامل رهيو، ۽ نشانيون جي پئي ٿيون، تن سان ڪلام کي ثابت ڪندو رهيو. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 پوءِ چيلن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو. انهن جي ڪم ۾ پرڀو يسوع ساڻن گڏ هو ۽ شڪتيءَ جي نشانين سان سندن پرچار کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ شاگردن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي. انهن جي ڪم ۾ خداوند عيسيٰ ساڻن گڏ هو ۽ قدرت جي نشانين سان سندن تبليغ کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پوءِ شاگردن وڃي ھر ھنڌ تبليغ ڪئي. خداوند انھن سان گڏ پئي ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ انھن جي تبليغ سچي ھئي، ڇالاءِ⁠جو کين قدرت جون نشانيون ڏنيون ھئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو خداوند يسوع هنن سان ڳالهائڻ کانپوءِ آسمان ۾ چاڙهيو ويو، ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


اي معزز ٿئوفلس، جيئن تہ اُهي ڳالهيون جيڪي اسان جي اڳيان پوريون ٿيون آهن، تن جي ترتيب وار بيان لکڻ لاءِ گهڻن ڄڻن ڪم ۾ هٿ ڳنڍيو آهي،


۽ جهڙيءَ طرح جن شروع کان ئي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو، ۽ ڪلام جا خادم هئا، تن اهي اسان کي سونپي ڏنيون،


تنهنڪري هو ڳچ ڏينهن تائين اُتي ترسي پيا، ۽ اُنهي خداوند جي ڀروسي تي همت سان ڳالهائيندا رهيا، جو سندن هٿان نشان ۽ ڪرامتون ڏيکاري، پنهنجي فضل جي ڪلام جي شاهدي ڏيندو رهيو.


۽ جڏهن تون شفا ڏيڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيرين، تڏهن تنهنجي پاڪ بندي يسوع جي نالي معجزا ۽ ڪرامتون ٿين.


۽ رسولن جي هٿان ماڻهن ۾ گهڻيئي معجزا ۽ ڪرامتون ٿينديون رهيون؛ ۽ هو سڀ يڪ دل ٿي سليمان جي ورانڊي ۾ گڏ ٿيندا هئا.


يعني اُهي ڳالهيون جي نشانين ۽ معجزن جي طاقت سان، ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ظاهر ٿيون؛ ايتري قدر جو مون يروشلم کان وٺي چئني پاسي اِلرڪم تائين مسيح جي خوشخبريءَ جي پوريءَ طرح منادي ڪئي آهي.


۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.


تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛


خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ