Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:14 - Sindhi Bible

14 ۽ انهي کانپوءِ جڏهن هنن گڏجي ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هن انهن يارهن کي بہ ڏيکاري ڏني، ۽ سندن بي اعتقاديءَ ۽ سخت دليءَ جو طعنو هنيائين، ڇالاءِ جو جن هن کي جي اُٿڻ کانپوءِ ڏٺو هو، تن تي هنن اعتبار نہ ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 آخر ۾ يسوع يارهن چيلن کي ان وقت درشن ڏنو جڏهن هو گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا. هن سندن وشواس جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيوت ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 آخر ۾ عيسيٰ يارهن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏهن هو گڏجي ماني کائي رهيا هئا. هن سندن ايمان جي گھٽتائيءَ ۽ سخت‌دليءَ سبب کين ڇينڀيو، ڇاڪاڻ تہ کين انهن تي يقين ئي نہ پئي آيو جن هن کي جيئرو ٿي اٿڻ کان پوءِ ڏٺو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 آخر ۾ عيسيٰ يارھن شاگردن کي ان وقت ڏيکاري ڏني جڏھن ھو گڏجي ماني کائي رھيا ھئا. ھن انھن کي ڇينڀيو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي يقين ئي نہ پئي آيو ۽ اھي ايترا تہ بي⁠اعتبار ھئا جو جن ھن کي جيئرو ڏٺو ھو تن تي بہ اعتبار نہ پيا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:14
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي تحقير ڪندا؟ ۽ جيڪي هيتريون نشانيون مون هنن کي ڏيکاريون آهن، تن جي هوندي بہ ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟


تنهن کانپوءِ جن شهرن ۾ هن گهڻا معجزا ڪيا هئا، تن کي ڏوراپو ڏيڻ لڳو، ڇالاءِ جو هنن توبهہ نہ ڪئي هئي.


۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي.


۽ جڏهن کيس ڏٺائون، تڏهن سجدو ڪيائونس، پر ڪي شڪ ۾ هئا.


تنهن تي هنن کي چيائين، تہ اوهين بہ اهڙا بي سمجهہ آهيو ڇا؟ ايتري بہ خبر نٿي پويوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو، سو هن کي پليت ڪري نٿو سگهي.


پر هنن اهي ڳالهيون آکاڻيءَ طور ڪري ڀانئيون، ۽ کين اُهي اعتبار ۾ ئي ڪين آيون.


تڏهن هن اُنهن کي چيو تہ اي نادان، ۽ نبين جي چئي مڃڻ ۾ بي پرواهہ!


تڏهن ٻيا شاگرد چوڻ لڳس تہ اسان خداوند کي ڏٺو آهي. پر هن چين تہ جيسين آئون سندس هٿن ۾ ڪلين جا نشان نہ ڏسان، ۽ ڪلين جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجهان، ۽ سندس پاسريءَ ۾ هٿ نہ وجهان، تيسين آئون اصل ڪين مڃيندس.


۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.


تڏهن توما کي چيائين تہ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجا هٿ ڏس، ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪري منهنجيءَ پاسريءَ ۾ وجهہ، ۽ بي ايمان نہ ٿيءُ، پر ايمان آڻ.


هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع وري شاگردن کي تبرياس سمنڊ جي ڪناري تي پاڻ ڏيکاريو؛ ۽ ڏيکاري هن طرح ڏنائين.


هاڻي اُهو ٽيون گهُمرو هو، جو پنهنجي جي اُٿڻ کانپوءِ يسوع شاگردن کي ڏيکاري ڏني.


۽ هن کين پنهنجي ڏک سهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ثابتين سان پاڻ کي جيئرو ڏيکاريو، جيئن تہ چاليهن ڏينهن تائين هنن کي پاڻ ڏيکاريندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ڪندو رهيو:


۽ ڪيفاس کي، ۽ پوءِ اُنهن ٻارهن کي ڏيکاري ڏنائين،


جيترن کي آئون پيار ٿو ڪريان، اوترن کي آئون ڇينڀيان ٿو ۽ سيکت ٿو ڏيان؛ تنهنڪري سرگرم ٿي ۽ توبهہ ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ