Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:1 - Sindhi Bible

1 جڏهن سبت جو ڏينهن گذري ويو، تڏهن مريم مگدليني ۽ يعقوب جي ماءُ مريم، ۽ سلومي، سرهاڻيون خريد ڪيون، انهي لاءِ تہ هن کي وڃي مکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماتا مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن يسوع جي لاش کي هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن عيسيٰ جي لاش کي هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جڏھن سبت جو ڏينھن پورو ٿيو تہ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ کٿوري خريد ڪئي تہ عيسيٰ جي ميت کي خوشبوءِ ھڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي طبيب يوسف وٽ نوڪر هئا، تن کي حڪم ڏيئي چيائين تہ منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو: ۽ طبيبن اسرائيل کي سرهاڻ سان ڀريو.


۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون جا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ کوٽائي هئي، ۽ هن کي انهيءَ بستري تي سمهاريائون جو خوشبوين ۽ قسمين قسمين مصالحن سان ڀريل هو، جي عطارن هنر سان جوڙيا هئا: ۽ هن جي لاءِ تمام وڏا مچ ٻاريائون.


۽ جڏهن بيت عنياہ ۾، هن شمعون ڪوڙهئي جي گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن هڪڙي زال سنگ مرمر جي عطرداني کڻي آئي، جنهن ۾ تمام قيمتي جٽاماسي جو عطر هو؛ ۽ اُها عطرداني ڀڃي هن جي مٿان اوتيائين.


هن کان جيڪي ٿي سگهيو، سو هن ڪيو آهي: هن منهنجي بدن کي دفن جي لاءِ اڳيئي عطر مکيو آهي.


۽ اُتي زالون بہ هيون جن پري کان بيٺي ڏٺو، انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ سلومي هيون؛


۽ اهو تياريءَ جو ڏينهن هو، جو سبت جي ڏينهن کان اڳي ٿيندو آهي، ۽ جڏهن سانجهي ٿي،


۽ جتي رکيائونس، اُهو هنڌ مريم مگدليني ۽ يوسف جي ماءُ مريم ڏٺو.


۽ هفتي جي پهرئين ڏينهن تمام سويرو سج اُڀرئي مهل، قبر تي آيون.


۽ هو ٻاهر نڪتيون ۽ قبر وٽان اُٿي ڀڳيون؛ ڇالاءِ جو هنن کي ڏڪڻي ۽ حيراني وٺي ويئي هئي: ۽ هنن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو؛ ڇالاءِ جو هنن کي ڊپ اچي ٿيو هو.


اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، ۽ سبت بہ شروع ٿي ٿيو.


۽ اُنهن موٽي اچي سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيا. ۽ سبت جي ڏينهن حڪم موجب آرام ڪيائون.


پر هفتي جي پهرئين ڏينهن ڍڪيءَ جو، جيڪي سرهاڻيون تيار ڪيون هئائون، سي کڻي قبر تي آيون.


هاڻي يسوع جي صليب وٽ سندس ماءُ، سندس ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم، ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون.


اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، تنهنڪري يهودين پلاطس کي عرض ڪيو تہ هنن جون ڄنگهون ڀڃجن، ۽ کين کڻائي وڃجي، تہ لاش سبت جي ڏينهن صليب تي نہ رهن (ڇالاءِ تہ اُهو سبت جو ڏينهن هڪ خاص ڏينهن هو.)


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ