Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو هن سهي ڪيو هو تہ سردار ڪاهنن هن کي حسد جي ڪري آڻي رجوع ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو ساڙ کان يسوع کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري مون وٽ آندو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري سندس ڀائر ساڻس حسد ڪرڻ لڳا؛ پر سندس پيءُ اها ڳالهہ دل ۾ رکي.


ڪاوڙ ظلم جهڙي آهي ۽ غصو جوش جهڙو آهي، پر ريس جي اڳيان ڪير بيهي سگهندو؟


تنهن کان پوءِ مون اُهو سڀ پورهيو، اُهو سڀ هنرمنديءَ جهڙو ڪم ڏٺو، جنهن جي لاءِ ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حسد ٿو ڪري اها بہ بيهودگي ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.


ڇالاءِ جو کيس خبر هئي تہ هن کي حسد جي ڪري جهلايو اٿن.


پر سردار ڪاهنن خلق کي چوري بيهاريو تہ هو سندن خاطر انهي جي بدران برابا کي ڇڏي ڏئي.


پلاطس ورندي ڏيئي چين، تہ اوهان جي مرضي ڇا آهي تہ آئون يهودين جي بادشاهہ کي ڇڏي ڏيان؟


پر جڏهن يهودين هيترا ماڻهو ڏٺا، تڏهن ڏاڍا ساڙ لڳن، ۽ جيڪي ڳالهيون پولس پي ڪيون، تن جي برخلاف ڳالهائڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا.


ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين.


يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“


نہ قائن وانگر، جو انهي بڇڙي مان هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيائين. ۽ هن ڇو انهي کي قتل ڪيو؟ ڇالاءِ جو سندس ڪم برا هئا، ۽ سندس ڀاءُ جا ڪم راستبازيءَ جا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ