Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:12 - Sindhi Bible

12 ۽ فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هنن فسح جي قرباني ٿي چاڙهي، تڏهن هن جي شاگردن کيس چيو تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي، تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ جي ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 بي‌خميري روٽيءَ واري تهوار جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن فصح جي تهوار جي ٻليدان لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن چيلن يسوع کان پڇيو تہ ”اوهين فصح جي تهوار واري رسوئي ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 بي‌خميري مانيءَ جي عيد جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوهين عيد فصح جي ماني ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي جڏھن ھنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏھن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام کان وٺي ايڪيهين تاريخ شام تائين اوهين فطيري ماني کائيندا رهجو.


۽ اوهين هن کي انهيءَ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ تائين رکي ڇڏجو: پوءِ اسرائيلين جي ساري جماعت شام جي وقت انهيءَ کي ذبح ڪري.


۽ انهيءَ رات جو، هو انهيءَ جو گوشت پچائي، فطيري مانيءَ ۽ ڪوڙيءَ ڀاڄيءَ سان گڏ کائين.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


مگر يسوع ورندي ڏيئي چيس هاڻي تہ ائين ڪر، ڇالاءِ جو اسان کي ائين ئي سڀ راستبازي پوري ڪرڻي آهي. تنهن کانپوءِ هن سندس ڳالهہ قبول ڪئي.


هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون:


۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي تڏهن خوش ٿيا، ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ هن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي هنن جي حوالي ڪريان.


هن پنهنجن شاگردن مان ٻن کي موڪليو ۽ چيائين تہ شهر ۾ وڃو، ۽ اُتي اوهان کي هڪڙو ماڻهو گڏبو جو پاڻيءَ جو دلو کنيو ايندو: اُنهي جي پٺيان وڃجو؛


پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو،


جيڪي ڳوٺ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن مان ڪنهن ۾ بہ تون فسح جي قرباني نہ ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ