Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:11 - Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي تڏهن خوش ٿيا، ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ هن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي هنن جي حوالي ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 يهوداہ جي هن ڳالهہ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو وچن ڪيائون. پوءِ هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح يسوع کي پڪڙائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 يهوداہ جي هن ڳالهہ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي پڪڙائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 يھوداہ جي ھن ڳالھہ تي اھي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھن کي پيسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ تہ ھو موقعي جي تاڙ ۾ ھو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اخي آب ايلياہ کي چيو تہ اي منهنجا دشمن، تو مون کي اچي لڌو آهي ڇا؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ مون توکي لڌو آهي؛ ڇالاءِ جو تو اُنهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وڪيو آهي جو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


۽ هن چيس تہ منهنجي دل انهيءَ وقت توسان نہ هئي ڇا، جنهن وقت اُهو ماڻهو توسان گڏجڻ لاءِ پنهنجيءَ گاڏيءَ تان لهي تو وٽ موٽي آيو؟ هي ڪو پئسن وٺڻ، ۽ ڪپڙن وٺڻ، ۽ زيتون ۽ ڊاک جي باغن، ۽ رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٻانهن، ۽ ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟


هو پنهنجي شرارت سان بادشاهہ کي خوش ٿا ڪن ۽ سردارن کي پنهنجن ڪوڙن سان.


تڏهن ٻارهن ڄڻن مان هڪڙو، جنهن جو نالو يهوداهہ اسڪريوتي هو، تنهن سردار ڪاهنن وٽ وڃي چيو تہ


جي آئون هن کي اوهان جي حوالي ڪريان تہ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟ ۽ هنن کيس ٽيهہ روپيا توري ڏنا.


پوءِ يهوداہ اسڪريوتي، جو اُنهن ٻارهن مان هڪڙو هو، سو سردار ڪاهنن وٽ ويو، انهي لاءِ تہ هن کي سندن حوالي ڪري.


۽ فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هنن فسح جي قرباني ٿي چاڙهي، تڏهن هن جي شاگردن کيس چيو تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي، تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ جي ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟


۽ يهوداهہ جنهن کي اسڪريوتي ڪري سڏيندا هئا، ۽ جو ٻارهن مان هڪڙو هو، تنهن ۾ شيطان اچي گهڙيو.


ڇالاءِ جو پيسي جو پيار سڀ قسم جي خرابين جي پاڙ آهي: جنهن جي پٺيان پوڻ ڪري ڪي ماڻهو ايمان کان گمراهہ ٿي ويا آهن، ۽ گهڻن ئي ڏکن جا تير منجهن چُڀي ويا آهن.


افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ