Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 فصح ۽ بي‌خميري روٽيءَ جو تهوار ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻو هو. سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 فصح ۽ بي‌خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻي هئي. سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 فصح ۽ بي⁠خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻي ھئي. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو ۽ اڃا هو سندن ويجهو ئي ڪونہ آيو، تہ پاڻ ۾ منصوبو ڪيائون تہ هن کي قتل ڪري ڇڏيون.


تون برائيءَ کي ڀلائيءَ کان، ۽ ڪوڙ کي سچ کان وڌيڪ پسند ٿو ڪرين.


اهي رڳو هن کي سندس مرتبي کان ڪيرائڻ لاءِ پيا صلاحون ڪن؛ اهي ڪوڙ کان خوش ٿا ٿين: اهي پنهنجي وات سان برڪت ٿا ڏين پر اندر ۾ لعنت ٿا ڪن.


بيشڪ ڪميڻا ماڻهو بيهودا آهن، ۽ معتبر ماڻهو ڪوڙا آهن. جيڪڏهن انهن کي ساهميءَ ۾ توربو تہ اهي هوا کان بہ هلڪا آهن.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون سان مصر جي ملڪ ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ


تون انهيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري مٿس تيل اوتج: اها کاڌي جي قرباني آهي.


پر فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.


تنهنڪري جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن پنهنجي اڳيان توتاري نہ وڄاءِ، جهڙيءَ طرح ڪ رياڪار ماڻهو عبادتگاهن ۽ گهٽين ۾ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو سندن تعريف ڪن. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


۽ فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هنن فسح جي قرباني ٿي چاڙهي، تڏهن هن جي شاگردن کيس چيو تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي، تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ جي ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟


ڇالاءِ جو هنن چيو تہ عيد جي ڏينهن نہ، متان اُمت ۾ گوڙ ٿي پوي.


تنهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي صدر مجلس گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ اسين ڪريون ڇا ٿا؟ هيءُ ماڻهو تہ گهڻيئي معجزا پيو ڪري.


هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو.


۽ کيس جهلڻ کانپوءِ کڻي قيد ۾ وڌائينس، ۽ مٿس پهرو ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون رکي، انهن جي حوالي ڪيائينس، انهي مراد سان تہ فسح جي عيد کانپوءِ کيس ڪڍي ماڻهن جي اڳيان حاضر ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ