Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:8 - Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو قوم، قوم تي، ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي، ڪيترن ئي هنڌ ڌرتي ڌٻندي، ۽ ڏڪار پوندا: اِهي ڳالهيون مصيبت جي شروعات آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 قوم، قوم سان وڙهندي ۽ راڄ، راڄ تي چڙهائي ڪندو. ڪيترن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اهي ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 قوم، قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. ڪيترن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اهي ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اھي ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قوم، قوم سان ٿي وڙهي، ۽ شهر، شهر سان ٿي وڙهيو، ۽ سڀ ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيا هئا: ڇالاءِ جو خدا انهن کي هر طرح جي مصيبت سان تڪليف ٿي ڏني.


اتي هو ڏڪڻ لڳا، ۽ ويم واريءَ زال جهڙا سور اچي ٿين.


۽ آءٌ مصرين کي هڪ ٻئي جي برخلاف اُٿاريندس: ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ، ۽ هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان وڙهندو؛ شهر شهر سان ۽ بادشاهت بادشاهت سان:


لشڪرن جو خداوند، گجگوڙ سان، ۽ زلزلي سان، ۽ وڏي آواز سان، واچوڙي سان، ۽ طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، توکي سزا ڏيڻ ايندو.


۽ انهن هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو فرمائي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت، ۽ ملامت، ۽ نفرت جو ڏينهن آهي؛ ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آهن، پر ڄڻڻ جي طاقت ڪانهي.


جڏهن هو تنهنجن دوستن کي حڪمران ڪندو تڏهن تون ڇا چوندين، جنهن صورت ۾ تو پاڻ هنن کي پنهنجي برخلاف سيکاريو آهي؟ ڇا تون انهيءَ زال وانگر جنهن کي سور لڳا هجن، سور ۾ نہ پوندين؟


اي لبنان جا رهاڪو، تون جو ديودارن ۾ پنهنجو آکيرو ٿو جوڙين، جڏهن تو تي ويم واريءَ زال جهڙا سور ايندا، تڏهن توتي ڪيترو نہ گهڻو افسوس ٿيندو:


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، هڪڙي قوم کان ٻي قوم ڏي خرابي نڪري پکڙندي ويندي، ۽ زمين جي ازحد ڀاڱن کان هڪڙو وڏو طوفان اُٿاريو ويندو.


ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.


دمشق ضعيف ٿي ويو آهي، هو ڀڄڻ جي لاءِ ڦري ٿو ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿس: رنج ۽ ڏکن ان کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.


بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.


اسان انهيءَ جي ناموس ٻڌي آهي؛ اسان جا هٿ سست ٿيندا وڃن: اسان کي مصيبت آڻي جهليو آهي، ۽ اهڙا سور اٿئون جهڙا ويامندڙ زال کي ٿيندا آهن.


۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن خداوند وٽان هنن ۾ وڏو گوڙ شور ٿيندو، ۽ هو پنهنجي پاڙيسريءَ جو هٿ جهليندا، ۽ هڪ ٻئي جي برخلاف هٿ کڻندا.


پر اهي سڀ ڳالهيون مصيبتن جي شروعات آهن.


۽ جڏهن اوهين جنگين جون ڳالهيون ۽ جنگين جا افواهہ ٻُڌو، تڏهن گهٻرائجو نہ؛ اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اڃا پڄاڻي نہ آئي آهي.


پر اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي عدالتن جي حوالي ڪندا؛ ۽ عبادتگاهن ۾ اوهان کي ماريندا ڪُٽيندا؛ ۽ منهنجي خاطر اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان کڙو ڪندا، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.


۽ منجهانئن هڪڙو اگبس نالي اُٿي بيٺو، ۽ روح جي وسيلي چيائين تہ ساريءَ دنيا تي ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي: جو ڪلوديس جي ڏينهن ۾ اچي پيو.


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


۽ ٻيو گهوڙو نڪتو، جو ڳاڙهو هو: ۽ جيڪو مٿس سوار هو، تنهن کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ سندس ڪري زمين تان صلح ويندو رهي ۽ ماڻهو هڪٻئي کي قتل ڪن: ۽ کيس هڪڙي وڏي ترار ڏني ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ