Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:24 - Sindhi Bible

24 پر اُنهن ڏينهن ۾ انهيءَ مصيبت کان پوءِ سج ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 ”انھن ڏينھن ۾ مٿين مصيبتن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:24
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.


زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس.


۽ جڏهن آءٌ توکي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڍڪي ڇڏيندس ۽ ان جي تارن کي ڪارو ڪندس؛ آءٌ سج کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ چنڊ پنهنجو سوجهرو نہ ڏيندو.


۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.


هن جي اڳيان هڪڙي آتشي نهر نڪري وهيو ٿي آئي: هزارن جا هزار هن جي خدمت چاڪريءَ ۾ مشغول هئا، ۽ لکن جا لک هن جي اڳيان بيٺا هئا: عدالت پئي هلي، ۽ ڪتاب کليا رکيا هئا.


زمين هنن جي اڳيان ڌٻي وڃي ٿي؛ آسمان ڏڪن ٿا: سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن، ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين:


سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين.


خداوند جو ڏينهن اونداهي نہ ٿيندو ڇا؟ انهيءَ ۾ روشنائي نہ پر بنا تجلي اوندهہ انڌوڪار هوندو.


پر اوهين خبردار ٿجو، ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڳالهيون اڳيئي ٻُڌائي ڇڏيون آهن.


پر خداوند جو ڏينهن چور وانگر اچي نڪرندو؛ انهي ۾ آسمان ڏاڍي ڪڙڪي سان هليا ويندا، ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري ڳري ويندا، ۽ زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، سو سڙي ويندو.


۽ ڪهڙيءَ نہ سڪ سان خدا جي انهي ڏينهن جي اچڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ انهي جي انتظار ۾ رهڻ گهرجي، جنهن جي ڪري آسمان باهہ ۾ سڙي ڳري ويندا ۽ عناصر سخت گرميءَ جي ڪري پگهرجي ويندا؟


۽ مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ڏٺو، ۽ انهي کي بہ، جو مٿس ويٺو هو، جنهن جي منهن تان زمين ۽ آسمان ٽري ويا؛ ۽ کين ڪابہ جاءِ ڪانہ ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ