Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:19 - Sindhi Bible

19 ڇالاءِ جو اُهي ڏينهن اهڙا مصيبت جا ٿيندا، جهڙاڪ خدا جي پيدا ڪيل خلقت جي شروعات کان وٺي اڄ تائين نہ ٿيا آهن، ۽ نہ ڪڏهن ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو ايشور جي سنسار پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 جيڪا مصيبت انھن ڏينھن ۾ ايندي سا اھڙي تہ خراب ھوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اھڙي مصيبت نہ ڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:19
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.


اي يروشلم جي ڌيءَ، توکي ڪهڙي ثابتي ڏيان؟ ڪنهن سان توکي مشابهت ڏيان؟ اي صيون جي ڪنواري ڌيءَ، تنهنجو ڪنهن سان مقابلو ڪريان جو توکي تسلي ڏيان؟ ڇالاءِ جو تنهنجو ڦاٽ سمنڊ جيڏو وڏو آهي: ڪير انهيءَ کي پوري سگهندو؟


ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڏوهہ جي سزا سدوم جي گناهہ جي سزا کان وڏي آهي، جو ڄڻ تہ هڪ پل ۾ اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪي بہ هٿ انهيءَ تي نہ اچي پيا.


۽ انهي وقت اُهو وڏو سردار، جو تنهنجي قوم جي اولاد لاءِ قائم آهي، سو اُٿي بيهندو: ۽ اهڙو تڪليف جو وقت پيش ايندو جهڙو ڪنهن بہ قوم جي شروعات کان وٺي انهي وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو: ۽ انهي وقت تنهنجي قوم جو ڇوٽڪارو ٿيندو، يعني هرهڪ جو، جنهن جو نالو ڪتاب ۾ لکيل هوندو.


۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي.


۽ انهن ٻاهٺ هفتن کانپوءِ اهو مسح ڪيل قتل ڪيو ويندو، ۽ وٽس ڪجهہ ڪين رهندو: ۽ جيڪو بادشاهہ ايندو، تنهن جا ماڻهو اُهو شهر ۽ پاڪ مڪان ناس ڪري ڇڏيندا؛ ۽ انهي جي پڄاڻي ٻوڏ سان ٿيندي، ۽ پڇاڙيءَ تائين جنگ هلي هلندي؛ خرابيون پڪيءَ طرح ٺهرايون ويون آهن.


اونداهيءَ ۽ انڌاري جو ڏينهن، بادل ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ جيئن پرهہ ڦٽي جبلن تي پکڙندي آهي، تيئن هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم، جنهن جهڙي نہ اڳي ڪڏهن ڪا ٿي آهي ۽ نہ وري هن کانپوءِ گهڻين پيڙهين تائين ڪڏهن ڪا ٿيندي، اچي ٿي.


ڇالاءِ جو تڏهن وڏي مصيبت ايندي. اهڙي جا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ تائين ڪانہ آئي ۽ نہ ڪڏهن ايندي.


پر دنيا جي شروعات کان هن (يعني خدا) هنن کي مڙس ۽ زال جوڙيو.


۽ اوهين دعا گهُرو تہ شل اهو حال سياري ۾ نہ ٿئي.


۽ جيڪڏهن خداوند اُهي ڏينهن نہ گهٽائي ها تہ جيڪر ڪوبہ نہ بچي ها؛ پر چونڊيل، جن کي پاڻ چونڊيو اٿس، تن جي خاطر اهي ڏينهن گهٽايائين.


تہ پوءِ خداوند تنهنجي اولاد تي عجيب آفتون موڪليندو، يعني وڏيون ۽ گهڻن ڏينهن تائين رهندڙ آفتون، ۽ سخت ۽ ڊگهيون بيماريون موڪليندو.


ڇالاءِ تہ جڏهن کان خدا زمين تي انسان کي پيدا ڪيو، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو تو کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت تون زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پڇا ڪر، تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ