Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:14 - Sindhi Bible

14 پر جڏهن اوهين ويران ڪندڙ ۽ نفرت جهڙيءَ شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو، جتي هن کي بيهڻ نہ گهرجي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)، تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ نفرت جهڙي شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو جتي اُن شيءِ کي بيھڻ نہ گھرجي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.) تڏھن جيڪي يھوديہ ۾ ھجن سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دشمن پنهنجو هٿ ان جي سڀني وڻندڙن شين تي ڊگهو ڪيو آهي: ڇالاءِ جو هن ڏٺو آهي تہ غير قومن وارا سندس پاڪ جاين ۾ گهڙي آيا آهن، جن جي نسبت ۾ تو حڪم ڪيو هو تہ تنهنجي جماعت ۾ داخل نہ ٿين.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو دل جو اڻ طهريل ۽ جسم جو اڻ طهريل آهي، سو بني اسرائيل ۾ رهندڙ ڌارين ماڻهن مان منهنجي پاڪ مڪان ۾ نہ گهڙي.


۽ هٿيار هن جي طرفان کڙا ٿيندا، ۽ هو پاڪ مڪان جي بي ادبي ڪندا، يعني قلعي جي، ۽ مدامي سوختني قرباني کڻي ويندا، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ اُتي رکندا.


۽ جنهن وقت کان مدامي سوختني قرباني کڄي ويندي، ۽ ويران ڪندڙ ڪراهت جهڙي شيءِ قائم ڪئي ويندي، تنهن کان وٺي هڪ هزار ٻہ سؤ ۽ نوي ڏينهن ٿيندا.


پوءِ مون هڪڙي پاڪ شخص کي ڳالهائيندو ٻڌو، ۽ ٻئي پاڪ شخص انهي پهرين ڳالهائڻ واري کي چيو، تہ مدامي سوختني قرباني، ۽ اُهو گناهہ جو ويران ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ پاڪ مڪان ۽ لشڪر ٻئي پيرن هيٺ لتاڙجي وڃن، تنهن جي بابت اُهو رويا ڪيستائين رهندو؟


۽ هو هڪڙي هفتي لاءِ هڪڙو مضبوط عهد اقرار ڪندو؛ ۽ اڌ هفتي لاءِ هو قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو؛ ۽ ڪراهت جهڙين شين جي کنڀ تي هڪڙو اهڙو ايندو جو ويران ڪري ڇڏيندو؛ ۽ جيڪي ٺهرايو ويو آهي، تنهن جي پوري ٿيڻ تائين اُنهي ويران ڪندڙ تي غضب نازل ٿيندو رهندو.


اهي سڀ ڳالهيون اوهان سمجهيون؟ هنن چيو تہ هائو.


اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو.


مبارڪ آهي اُهو، جو هن پيشنگوئي جون ڳالهيون پڙهي ٿو، ۽ اُهي جي ٻُڌن ٿا، ۽ جيڪي اُنهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي هلن ٿا: ڇالاءِ جو وقت ويجهو آهي.


ڪنجي هيءَ آهي؛ ۽ جنهن کي سمجهہ آهي سو انهي حيوان جو عدد ڳڻي؛ ڇالاءِ جو اهو ڪنهن ماڻهوءَ جو نالو آهي؛ ۽ اُنهيءَ عدد جي معنيٰ ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ