Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:10 - Sindhi Bible

10 ۽ سڀني قومن ۾ ضرور پهريائين انجيل جي منادي ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نينوہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت جي ڏينهن اُٿي بيهندا، ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندا: ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي، ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي.


۽ بادشاهت جي هن خوشخبريءَ جي منادي ساري دنيا ۾ ڪئي ويندي، تہ سڀني قومن جي لاءِ شاهدي ٿئي؛ تنهن کانپوءِ پڄاڻي ٿيندي.


۽ هنن کي چيائين تہ اوهين ساريءَ دنيا ۾ وڃو، ۽ ساريءَ خلق جي اڳيان انجيل جي منادي ڪريو.


پهريائين، تہ اوهان سڀني جي حق ۾ يسوع مسيح جي وسيلي پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جو اوهان جي ايمان جي ساريءَ دنيا ۾ پڌرائي ٿي ويئي آهي.


پر آئون چوان ٿو تہ هنن نہ ٻُڌو ڇا؟ هائو، بيشڪ، جيئن لکيل آهي، تہ ”هنن جو آواز ساري زمين تي ڦهلجي ويو، ۽ سندن ڪلام دنيا جي حدن تائين وڃي پهتو.“


يعني اُهي ڳالهيون جي نشانين ۽ معجزن جي طاقت سان، ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ظاهر ٿيون؛ ايتري قدر جو مون يروشلم کان وٺي چئني پاسي اِلرڪم تائين مسيح جي خوشخبريءَ جي پوريءَ طرح منادي ڪئي آهي.


بشرطيڪ اوهين ايمان ۾ مضبوط ۽ قائم رهو، ۽ جيڪا خوشخبري اوهان ٻُڌي آهي، تنهن جي اُميد ڇڏي نہ ڏيو، جنهن جي منادي آسمان جي هيٺان ساري زمين تي ڪل مخلوقات ۾ ڪئي ويئي آهي، ۽ آئون پولس انهي جو خادم آهيان.


جو اوهان وٽ آيو آهي؛ جيئن ڪ ساري جهان ۾ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو ٿو وڃي. جنهن ڏينهن کان اوهان اُهو ٻُڌو ۽ خدا جي فضل کي سچيءَ طرح معلوم ڪيو، تنهن ڏينهن کان اوهان منجهہ بہ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو وڃي ٿو؛


۽ مون هڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اُڏامندو ڏٺو، جنهن وٽ زمين جي رهاڪن، ۽ سڀ ڪنهن قوم، ۽ قبيلي، ۽ ٻوليءَ ۽ اُمت کي ٻُڌائڻ لاءِ هميشہ جي خوشخبري هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ