Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:9 - Sindhi Bible

9 هاڻي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ هو اچي آبادگارن کي چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پوءِ يسوع انهن چڱن مڙسن کي چيو تہ ”هاڻي سوچو تہ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو. هاڻ تہ هو پاڻ ايندو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ هو انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ عيسيٰ انهن چڱن مڙسن کي چيو تہ ”هاڻي سوچو تہ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو. هاڻ تہ هو پاڻ ايندو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ هو انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”پوءِ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ ھو پاڻ ايندو ۽ اچي ھنن کي ناس ڪندو ۽ انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:9
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا باقي ٿوري دير نہ آهي جو لبنان هڪڙي آباد ٻني ٿي پوندو، ۽ آباد ٻني هڪڙو ٻيلو ليکجڻ ۾ ايندي.


۽ اوهين پنهنجو نالو منهنجن چونڊيلن جي لاءِ لعنت وانگي ڇڏيندا، ۽ خداوند خدا توکي قتل ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن بندن کي ٻئي نالي سان سڏيندو؛


اي منهنجا جبل تون جو ميدان ۾ آهين، گناهہ جي ڪري آءٌ تنهنجن سڀني سرحدن ۾ تنهنجو سڀ مال، ۽ تنهنجا سڀ خزانا، ۽ تنهنجون سڀ مٿانهيون جايون لٽ جي لاءِ ڏئي ڇڏيندس.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


تڏهن هو وڃي پاڻ کان بڇڙا ست ٻيا ڀوت پاڻ سان وٺي ٿو اچي، ۽ اُهي اندر گهڙي اتي وڃي رهن ٿا؛ ۽ انهي ماڻهو جي پوئين حالت پهرينءَ کان بہ خراب ٿي ٿئي. هن بڇڙي زماني وارن سان بہ ساڳيو اهڙو ئي حال ٿيندو.


۽ جڏهن ڦل جي موسم ويجهي آئي، تڏهن انهن آبادگارن ڏانهن هن پنهنجا نوڪر موڪليا، تہ سندس ميوي جو حصو وٺي اچن.


تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهت اوهان کان کسي انهيءَ قوم کي ڏني ويندي، جا انهيءَ جو ڦل ڏيندي.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


اوهان هيءَ پاڪ لکيت بہ نہ پڙهي آهي ڇا، تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو:


۽ انهن انهي کي جهلي ماري وڌو، ۽ ڊاک جي باغ جي ٻاهران اُڇلائي ڇڏيائونس.


ٻيو تہ منهنجا اُهي دشمن، جن جي مرضي نہ هئي تہ آئون مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو، ۽ منهنجي سامهون انهن کي قتل ڪريو.


يسعياہ نبي ڏاڍيءَ همت سان چوي ٿو تہ، ”جن مون کي نہ ڳوليو، تن مون کي لڌو، جن منهنجي پڇا بہ نہ ڪئي، تن تي آئون ظاهر ٿيس.“


۽ هيئن ٿيندو تہ جهڙيءَ طرح اُهي سڀ ڳالهيون اوهان تي اچي بيٺيون آهن، جن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان کي خبر ڏني، تهڙيءَ طرح سڀ خراب ڳالهيون بہ خداوند اوهان تي آڻيندو، جيستائين هو اوهان کي ناس ڪري، ۽ اها چڱي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن تان اوهان کي اُگهي ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ