Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:44 - Sindhi Bible

44 ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان هن ۾ وڌو اٿن؛ پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ جيڪي هڙ ۾ هوس، سو سڀ کڻي وڌائين، بلڪ پنهنجي سموري ڪمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

44 ٻين ماڻهن جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان پيتيءَ ۾ وڌو آهي، جڏهن تہ هن وڌوا پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ وڌائين ۽ هاڻي جيون گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 ٻين ماڻهن جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان پيتيءَ ۾ وڌو آهي، جڏهن تہ هن رن‌زال پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ وڌائين ۽ هاڻي زندگي گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

44 ڇالاءِ⁠جو ٻين، جيڪي پنھنجي گھرج کان وڌيڪ ھون تنھن مان پيتيءَ ۾ وڌو آھي، پر ھن رن⁠زال پنھنجي غربت مان بہ جيڪو ھڙ ۾ ھوس سو سڀ وڌائين، يعني تہ پنھنجي سموري ڪمائي ڏنائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:44
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هي سڀ جيڪي خزاني ۾ پيا وجهن، تن کان هن غريب بيوهہ وڌيڪ وڌو آهي.


هن کان جيڪي ٿي سگهيو، سو هن ڪيو آهي: هن منهنجي بدن کي دفن جي لاءِ اڳيئي عطر مکيو آهي.


جن مان ننڍو پيءُ کي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، ملڪيت جو حصو جو منهنجو ٿو ٿئي، سو مون کي ڏي. ۽ هن ملڪيت ورهائي ڏنين.


پر جڏهن هي تنهنجو پٽ آيو آهي، جنهن تنهنجي ملڪيت ڪڃرين ۾ برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اُنهي لاءِ متارو وهڙو ڪُٺو اٿيئي.


۽ اُتي هڪڙي زال هئي، جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت پوندو هو، ۽ جنهن پنهنجي سڄي موڙي طبيبن پٺيان وڃائي هئي، پر ڪوبہ ڇُٽائي نہ سگهيو هوس،


ڪوبہ ماڻهو جنڊ، يا جنڊ جو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي: ڇالاءِ جو هو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو آسرو گروي ٿو رکي.


پر جنهن وٽ دنيا جو مال آهي، ۽ اهو پنهنجي ڀاءُ کي گهُرج ۾ ڏسي مٿس رحم نٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رهي سگهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ