Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:32 - Sindhi Bible

32 پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ خلق کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ تہ سڀني يوحنا کي سچ پچ نبي ڪري ٿي سمجهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 جڏهن تہ کُليو کُلايو ائين بہ نہ ٿا چئي سگھون تہ ’انسان جي طرفان.‘“ انهيءَ جو سبب هي هو جو ماڻهن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇو تہ ماڻهو يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سچو سنت ڪري مڃين پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 جڏهن تہ کُليو کُلايو ائين بہ نہ ٿا چئي سگھون تہ ’انسان جي طرفان.‘“ انهيءَ جو سبب هي هو جو ماڻهن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇو تہ ماڻهو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 پر جيڪڏھن ”ماڻھن جي طرفان“ چون پيا تہ ماڻھن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇوتہ ماڻھو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:32
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهين ڇو ويا هئا؟ ڪنهن نبيءَ کي ڏسڻ لاءِ ڇا؟ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.


سو هيروديس جي مرضي هئي تہ مارائي وجهانس، پر ماڻهن جو ڊپ ٿيس، ڇالاءِ جو هو انهي کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا.


۽ جڏهن انهن کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ماڻهن کان ڊنا، جو اُهي هن کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا.


۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا، تہ جي ٿا چئون تہ آسمان کان، تہ چوندو تہ تڏهن ڇو هن کي نہ مڃيو،


تڏهن يسوع کي جواب ڏيئي چيائون، تہ اسان کي خبر ڪانهي. تنهن تي يسوع چين تہ تڏهن آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان.


تنهن تي هو کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو سهي ڪيو هئائون تہ هي مثال اسان تي آندو اٿس، پر خلق کان ڊنا ٿي؛ ۽ هو کيس ڇڏي هليا ويا.


ڇالاءِ جو هيروديس کي خبر هئي تہ يوحنا پاڪ ۽ راستباز ماڻهو آهي، تنهنڪري کانئس ڊڄندو هو، ۽ کيس صحيح سلامت رکندو هو؛ ۽ جڏهن هن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو، تڏهن ڏاڍو مُنجهي پوندو هو، پر ٻُڌندو خوشيءَ سان هوس.


۽ اوڏيءَ ئي مهل فقيهن ۽ سردار ڪاهنن ڪوشش ڪئي تہ جهليونس، ڇالاءِ جو اُنهن سهي ڪيو تہ هن هيءُ مثال اسان تي آندو آهي؛ پر ماڻهن کان ڊنا ٿي.


۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ هن کي ڪيئن ماري وجهون، ڇو جو اُهي خلق کان ڊنا ٿي.


۽ گهڻا وٽس آيا، ۽ اهي چوڻ لڳا تہ يوحنا تہ ڪوبہ معجزو ڪونہ ڏيکاريو، باقي جيڪي ڳالهيون يوحنا هن جي نالي چيون ٿي سي سڀ اچي لڳيون.


تڏهن صوبيدار سپاهين سان گڏجي وڃي هنن کي وٺي آيو، پر زورازوريءَ نہ: ڇالاءِ جو هو ماڻهن کان ڊنا ٿي تہ متان اسان کي سنگسار ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ