Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:3 - Sindhi Bible

3 ۽ جيڪو اوهان کان کڻي پڇي تہ ڇو ٿا ائين ڪريو؟ تہ چئجوس تہ خداوند کي انهي جي گهرج آهي، ۽ هو يڪدم هن کي هتي ڏياري موڪليندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 جيڪڏهن ڪوبہ اوهان کان پڇي تہ ’اهو ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تڏهن کيس چئجو تہ ’گروءَ کي انهيءَ جي ضرورت آهي ۽ جلد ئي هو واپس ڏياري موڪليندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪڏهن ڪوبہ اوهان کان پڇي تہ ’اهو ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تڏهن کيس چئجو تہ ’استاد کي انهيءَ جي ضرورت آهي ۽ جلد ئي هو واپس ڏياري موڪليندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ۽ جيڪوبہ توھان کان پڇي تہ ’ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تہ چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي ۽ ھو جلد ئي واپس ڏياري موڪليندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.


زمين ۽ اُن جي ڀرپورائي خداوند جي آهي؛ جهان ۽ اُن جا رهاڪو بہ هن جا ئي آهن.


۽ چيائين، تہ رستو وٺي انهي ڳوٺ ڏانهن وڃو، جو اوهان جي سامهون آهي: ۽ انهي ۾ گهڙڻ شرط، اوهين هڪڙو کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪوبہ ماڻهو نہ چڙهيو آهي، انهي کي ڇوڙي وٺي اچو.


پوءِ هو هليا ويا، ۽ کودڙي کي گهٽيءَ ۾ هڪڙي در جي ٻاهران ٻڌل ڏسي ڇوڙڻ لڳا.


۽ اُهو پاڻهي اوهان کي ماڙيءَ تي بالاخانو سينگاريل ۽ تيار ٿيل ڏيکاريندو: اُتي اسان جي لاءِ تياري ڪجو.


پوءِ هنن دعا گهُري چيو، تہ اي خداوند، تون جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهين، سو تون ٻُڌاءِ تہ هنن ٻن مان تو ڪنهن کي چونڊيو آهي،


جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين.


نڪي ڪنهن شيءِ جو محتاج آهي، جو ماڻهن جي هٿان خدمت گهُري، ڇوتہ هو پاڻ سڀني کي زندگي ۽ ساهہ ۽ سڀ ڪجهہ ٿو ڏئي؛


ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ