Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:27 - Sindhi Bible

27 ۽ اُهي وري يروشلم ۾ آيا: ۽ جڏهن هن هيڪل ۾ پئي پسار ڪيو، تہ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ ۽ بزرگ وٽس آيا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ يروشلم ۾ پهتو. جڏهن هو هيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاهن، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ پهتو. جڏهن هو هيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاهن، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 ھو وري يروشلم ۾ موٽي آيا. جيئن عيسيٰ ھيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ وٽس آيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:27
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.


۽ چيائونس تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ يا انهن ڪمن ڪرڻ جي ڪنهن توکي اختياري ڏني آهي؟


هاڻي ٻن ڏينهن کانپوءِ فسح ۽ فطيري مانيءَ جي عيد هئي، ۽ سردار ڪاهنن ۽ فقيهن وجهہ پئي ڳوليو تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي فريب سان ڦاسائي قتل ڪريون:


۽ يسوع هيڪل ۾ سليمان جي ڏيڍي ۾ پئي پسار ڪيو.


يسوع جواب ڏنس تہ مون کُليو کُلايو دنيا سان ڳالهايو آهي، مون هميشہ عبادتخانن ۽ هيڪل ۾، جتي سڀ يهودي اچي ڪَٺا ٿيندا آهن، اتي تعليم ڏني آهي؛ ۽ ڳُجهو ڪي بہ ڪين چيو اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ