26 (۽ جي اوهين معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان جا ڏوهہ معاف نہ ڪندو.)
سو جيڪڏهن اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي دليون جانيون معاف نہ ڪندو، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان سان انهي طرح ڪندو.
ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف ڪندا، تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو بہ اوهان کي معاف ڪندو.
پر جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو پيءُ بہ اوهان جا ڏوهہ معاف ڪين ڪندو.