Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:25 - Sindhi Bible

25 ۽ جڏهن بہ دعا گهُرو، تڏهن جي اوهان جو ڪنهن تي رنج هجي تہ انهي کي معافي ڏيو، انهي لاءِ تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اوهان جا ڏوهہ بہ اوهان کي معاف ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25-26 جڏهن بہ اوهين پرارٿنا ڪريو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پتا جيڪو آڪاش تي آهي سو بہ اوهان جا پاپ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25-26 جڏهن بہ اوهين دعا گھرو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پيءُ جيڪو آسمان تي آهي سو بہ اوهان جا گناهہ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25-26 جڏھن بہ اوھين دعا گھرڻ لاءِ بيھو، تڏھن جيڪڏھن اوھان جو ڪنھن تي رنج آھي تہ اُن کي معاف ڪري ڇڏيو تہ اوھان جو پيءُ جيڪو آسمان ۾ آھي سو بہ اوھان جا ڏوھہ اوھان کي بخشي ڇڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:25
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن مون کي سردار ڪاهن يشوع، خداوند جي فرشتي جي اڳيان بيٺل ڏيکاريو، ۽ شيطان اُن جي ساڄي هٿ جي پاسي ساڻس مقابلو ڪرڻ لاءِ بيٺو هو.


تنهنڪري جيڪڏهن تون پنهنجو نذرانو قربانگاهہ تي آڻي چاڙهين، ۽ اُتي ياد پويئي تہ منهنجي ڀاءُ جو مون ڏانهن ڪو رنج آهي،


اسان جا قرض اسان کي معاف ڪر، جيئن اسان بہ پنهنجن قرضين کي معاف ڪيو آهي.


۽ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن رياڪارن جهڙا نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي عبادتگاهن ۾ ۽ گهٽين جي ڪنڊن تي بيهي دعا گهرڻ پسند ٿا ڪن، انهي لاءِ تہ ڀلي ماڻهو کين ڏسن، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.


پر هن ٺيڪيدار پري بيهي مٿي آسمان ڏانهن اکيون بہ نہ کنيون، پر ڇاتي ڪُٽي چوڻ لڳو، تہ اي خدا، مون گنهگار تي رحم ڪر.


۽ عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي، ۽ ڪنهن کي ڏوهاري نہ ٺهرايو، تہ اوهين بہ ڏوهاري نہ ٺهربا. آزاد ڪريو، تہ اوهان کي بہ آزدگي ملي:


۽ اوهين هڪ ٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو، ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح ۾ اوهان کي معاف ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ ٻئي کي معاف ڪندا رهو.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ انهي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو؛ جهڙيءَ طرح ڪ خداوند اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ ڪريو؛


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


هي اُهي ٻہ زيتون جا وڻ آهن ۽ ٻہ شمعدان، جي زمين جي خداوند جي حضور ۾ بيٺا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ