Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:24 - Sindhi Bible

24 تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ سڀ جيڪي اوهين دعا ۾ گهُرو ٿا، تنهن لاءِ پڪ ڪري ڄاڻو تہ اسان کي مليو آهي، تہ اُهو اوهان کي ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين پرارٿنا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين دعا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھين دعا گھرو ٿا ۽ جنھن شيءِ لاءِ گھرو ٿا، تہ يقين ڪريو تہ اھا اوھان کي ملي ويئي آھي ۽ اوھان کي اُھو ئي ملندو جيڪو اوھين دعا ۾ گھرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:24
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

وري بہ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن زمين تي اوهان مان ٻہ ڄڻا ڪابہ ڳالهہ هڪ دل ٿي گهُرندا، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو سندن مراد پوري ڪندو.


۽ جيڪي بہ اوهين ايمان رکي دعا ۾ گهُرندا، سو سڀ اوهان کي ملندو.


۽ جڏهن بہ دعا گهُرو، تڏهن جي اوهان جو ڪنهن تي رنج هجي تہ انهي کي معافي ڏيو، انهي لاءِ تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اوهان جا ڏوهہ بہ اوهان کي معاف ڪري.


۽ جيڪي اوهين منهنجي نالي گهُرندا، سو آئون ڪندس تہ پٽ ۾ پيءُ کي جلال ملي.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجون ڳالهيون اوهان ۾ رهن، تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گهُرو، ۽ ائين ئي ٿيندو.


تنهنڪري جيڪو ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، تنهن کي دعا گهُرڻ کپي تہ ترجمو بہ ڪري سگهي.


۽ جيڪي کانئس گهُرنداسين سو هن کان اسان کي ملندو، ڇالاءِ جو اسين سندس حڪم مڃون ٿا، ۽ جيڪي ڪم هن جي نظر ۾ پسند آهن سي ٿا ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ