Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:22 - Sindhi Bible

22 يسوع ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ خدا تي ايمان آڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 يسوع انهن کي چيو تہ ”ايشور تي پورو وشواس رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”خدا تي پورو ايمان رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”خدا تي ايمان آڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:22
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.


اي قومون هر وقت انهي تي ڀروسو رکو؛ پنهنجي دل انهي جي اڳيان کوليو: خدا اسان جي پناهہ آهي.


۽ افرائيم جي گاديءَ جو هنڌ سامريہ آهي، ۽ سامريہ جو سردار رملياہ جو پٽ آهي. جيڪڏهن اوهين ايمان نہ آڻيندا تہ ضرور اوهين بہ قائم نہ ٿيندا.


۽ هن چيس تہ اچ. سو پطرس ٻيڙيءَ مان لهي يسوع وٽ اچڻ جي لاءِ پاڻيءَ تي هلڻ لڳو.


۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي.


۽ يسوع ورندي ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جي اوهين ايمان آڻيندا ۽ شڪ نہ ڪندا، تہ نہ رڳو جيئن هن انجير جي وڻ سان ڪيو ويو تيئن ڪري سگهندا، پر جي کڻي هن جبل کي چوندا تہ هتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، تہ ائين بہ ٿي پوندو.


يسوع هن کي چيو تہ ”جي تون ڪجهہ ڪري سگهين“! جيڪو ايمان ٿو آڻي، تنهن لاءِ سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.


پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، اوهين خدا تي ايمان ٿا رکو، مون تي بہ ايمان رکو.


۽ بپتسما جي ڪري انهي سان گڏ دفن ٿيا، ۽ خدا جنهن کيس مُئلن مان جياريو، تنهن جي قدرت سان، ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين بہ ساڻس گڏ جياريا ويا.


پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ