Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:17 - Sindhi Bible

17 ۽ تعليم ڏيڻ لڳن، ۽ چيائين تہ ائين لکيل نہ آهي ڇا، تہ ”منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ دعا جو گهر سڏبو؟“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري کڻي بنايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ يسوع ماڻهن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ پرارٿنا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ دعا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي تعليم ڏني تہ ”ڇا اھو لکيل نہ آھي تہ ’منھنجو گھر سڀني قومن لاءِ عبادت جو گھر سڏبو.‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:17
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تن کي بہ آءٌ پنهنجي پاڪ جبل تي آڻيندس، ۽ پنهنجي عبادتخاني ۾ خوش رکندس؛ انهن جون سوختني قربانيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پونديون: ڇالاءِ جو منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ عبادتگاهہ سڏبو.


قيدار جا سڀ ڌڻ تو وٽ گڏ ٿيندا، ۽ نبايوت جا گهٽا تنهنجي خدمت ڪندا: اهي منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پوندا، ۽ آءٌ پنهنجي جلال جي گهر کي وڌيڪ جلالي ڪندس.


هيءُ گهر جو منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، سو اوهان جي نظر ۾ ڌاڙيلن جي پاٿاري ٿي پيو آهي ڇا؟ خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، مون، هائو مون اهو ڏٺو آهي.


هو هڪڙو سوداگر آهي، ۽ ٺڳيءَ جي ساهمي سندس هٿ ۾ آهي: هن کي ظلم ڪرڻ پسند آهي.


۽ ڪنهن کي بہ هيڪل مان ڪو ٿانءُ کڻي لنگهڻ نہ ڏنائين.


۽ چيائين، تہ لکيل آهي تہ منهنجو گهر عبادت جو گهر ٿيندو، پر اوهان کڻي انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بنايو آهي.


۽ هن هيڪل ۾ ڍڳن ۽ رڍن ۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن ۽ صرافن کي ويٺل ڏٺو:


۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ اهي هتان کڻي وڃو؛ منهنجي پيءُ جي گهر کي بازار نہ بنايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ